لاڙڪاڻو
بشير خان قريشي جا جزا چڪاس لاءِ پرڏيھھ نھ موڪلڻ خلاف لاڙڪاڻي شھر ۾ احتجاجي مظاھرو
لاڙڪاڻو (رپورٽ: بختيار بگٽي) جيئي سنڌ قومي محاذ جسقم پاران شھيد بشير خان قريشي جا جزا چڪاس لاءِ پرڏيھھ نھ موڪلڻ خلاف ڪالھھ لاڙڪاڻي شھر ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو مظاھري جي اڳواڻي اطھر سومرو ڪئي جنھن ۾ عزيز شيخ ، عامر عباسي ، نديم لاشاري ، اختر عباسي ۽ ٻيا ڪيترائي ڪارڪن مظاھري ۾ شامل ھئا مظاھرو ڪندڙ لاڙڪاڻو پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا ھنن مطالبو ڪيو تھ شھيد بشير خان قريشيءَ جا جزا نھ موڪلي سنڌ حڪومت سنڌين جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪيوآھي ھنن چيوتھ پي پي سنڌ دشمن رويو اختيار ڪري اھو واضع ڪيوآھي تھ ھو شھيد جا جزا موڪلڻ لاءِ قطع تيار نھ آھن اسان ٻاھرين ملڪ جي ادارن کي اپيل ڪيون ٿا تھ شھيد بشير خان قريشي جي جزن جي چڪاس ڪرائڻ ۾ اسان جي مدد ڪئي وڃي.