شهدادڪوٽ

برف ڪارخاني مالڪن جي ڏاڍاين خلاف برف وڪرو ڪندڙ ڊپو مالڪن جي هڙتال

SHAHDADKOT BARAF DIPO MALKAN AIN SHAHRION JO ICE FACTORY MALKAN KHILAF AHTJAJ 2شهدادڪوٽ ۾ برف ڪارخاني مالڪن جي ڏاڍاين خلاف برف وڪرو ڪندڙ ڊپو مالڪن جي هڙتال شهرين ۽ ڊپو مالڪن احتجاجي مظاهرو ڪندي ڌرڻو هنيو ، احتجاج ڪندڙ جسقم اڳواڻ ذوالفقار مگسي ، نورالدين عمراڻي ، سڪندر سومرو ، ضمير کوسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪوٽو موٽو چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪندي نٽڻ اس ۾ ڌرڻو هنيو ، ڌرڻي سبب سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف شهرن ڏانهن ٽريفڪ معطل ٿي وئي ، ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته هر سال جيئان هن سال به آئيس فيڪٽري مالڪن جون ڏاڍايون جاري آهن ، سندن چوڻ هو ته روزانو وارا بندي ڪري عذاب ۾ مبتلا ڪيو وڃي ٿو ۽ برف شهر ۾ وڪرو ڪرڻ بدران سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف شهرن ڏانهن وڪرو ڪئي وڃي ٿي ، هنن چيو ته برف جو في ڪين کين 400 روپين ۾ پئجي وڃي ٿو ، ڪين جنهن جو وزن (4)مڻ هوندو آهي ، پر ان جو وزن سوا مڻ به ناهي ، جڏهن ته فلٽر پاڻي استعمال بدران سائي ۽ بد بودار پاڻي مان برف ٺاهي وڃي ٿي جنهنڪري گراهڪن ۽ ڊپو مالڪن ۾ جھڙيون روز جو معمول بڻيل آهن پر انتظاميه ان مسئلي تي ڌيان ڏيڻ بدران اگھور ننڊ ستل آهي ، هنن گھر ڪئي آهي ته ڪارخاني مالڪن جي ڏاڍايون بند ڪرائي برف جي ٻاهرين شهرن ڏانهن منتلقي تي پابندي لڳائي ، صاف ۽ مٺي پاڻي مان برف تيار ڪرائي شهرين کي مختلف بيمارين ۽ ٻين ناانصافين کان بچايو وڃي ، هنن تدارڪ نه ٿيڻ جي صورت ۾ سخت احتجاج جو چتاء ڏنو آهي ، هوڏانهن سخت گرمي دوران برف ڊپو مالڪن جي هڙتال سبب شهرين کي سخت تڪليف پڻ ڪاٽڻي پئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button