لاڙڪاڻو

ايس ايس پي لاڙڪاڻو جي ھدايتن تي لاڙڪاڻو پوليس پاران ڏوھارين خلاف آپريشن شروع

Larkanaلاڙڪاڻو (رپورٽ: بختيار بگٽي) ايس ايس پي لاڙڪاڻو جاويد سونھارو جسڪاڻي جي سخت ھدايتن تي لاڙڪاڻو پوليس ڏوھارين خلاف آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آھي مختلف ھنڌن تي پوليس ڇاپا ھڻي سنگين نوعيت جي ڪيسن ۾ ملوث 14 بدنام ڏوھاري گرفتار ڪري ورتو آھي جن وٽان منشيات ، ڦر ٿيل موٽر سائيڪل ۽ روڪ رقم پڻ ھٿ ڪئي آھي ھن ڏس ۾ تفصيل موجب بقاپور پوليس مقابلو ڪري جوابدار اصغر چوھاڻ کي ھڪ عدد پسٽل ۽ گوليون ھٿ ڪري ورتيون جڏھن تھ وحيد ڪلھوڙو جي ڦر ٿيل موٽر سائيڪل اسٽار ڪمپني جي ھٿ ڪئي آھي جن وٽان ڏوھارين خلاف پوليس پڻ ڪيس داخل ڪري ورتا نئون ديرو پوليس جڏھن تھ نئون ديرو پوليس جوابدار زاھد شيخ کي ڏيڍ ڪلو ھڪ سو گرام چرس سميت گرفتار ڪيو آھن ھوڏنھن پوليس جوابدار خليفو ڀٽو کي 15 ڪلو ڀنگ سميت گرفتار ڪري ورتو جڏھن تھ پوليس جوا جي اڏي تي ڇاپو ھڻي چئن جوارين غلام نبي ماڇي ، ظھير ميربحر ، مختيار سپڙيو ۽ محبوب مٽريو کي روڪ رقم ٻارنھن سو چاليھھ روپيا ۽ تاس جا پتا پڻ ھٿ ڪري ورتا ڪي ٽي ممتاز ٿاڻي جي پوليس ضلعي خير پور جي قتل ڪيس ۾ روپوش اعتبار خروس کي پڻ گرفتار ڪري ورتو آھي رحمت پور پوليس جوبدار حاڪم شيخ کي اڌ ڪلو چرس سميت ۽ جوابدار احمد علي جانوري کي ھڪ ڪلو ڀنگ ۽ جوابدار امتياز تنيو کي ساڍا سو گرام ڀنگ سميت ۽ جوابدار نوراللھ مگسي کي پنج سو گرام ۽ جوابدار امتياز تنيو کي ساڍا ست سو گرام ڀنگ جوبدار نوراللھ مگسي وٽان 500 گرام ڀنگ ۽ جوابدار طارق ڀٽو کي چاليھھ ٻوريون ڀنگ سميت گرفتار ڪري سندن مٿان اھڙا ڪيس داخل ڪري ورتا آھن.ان موقعي تي ايس ايس پي لاڙڪاڻو جاويد سونھارو جسڪاڻي انڊس نيوز سان ڳالھائيندي چيو آھي تھ سڀ کان اڳ ۾ مون کي شھرين جي جان و مال جو تحفظ ڪرڻ اولين فرض آھي ۽ مظلوم غرب عوام جي داد رسي ڪرڻ منھنجو عمل آھي انشاءَاللھ لاڙڪاڻي ضلعي کي امن جو مڪمل گھنوارو بڻائيندس تمام شھري معززين جي مدد جي ضرورت آھي ھن چيوتھ رمضان مبارڪ جو مڪمل ادب احترام ڪرايو ويندو پوري شھر ۾ منشيات ، زنا ، جوا جا اڏا بند ڪرايا ويندااگر ڪنھن بھ دخل اندازي ڪئي تھ ان کي بھ بخش نھ ڪيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button