ڪراچي

امڪاني برسات ۽ ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ جامع رٿابندي ڪئي وئي آهي: شرميلا فاروقي

sharmila farooqi 400ڪراچي (رپورٽر) وزيراعليٰ سنڌ جي اطلاعات بابت خاص معاون شرميلا فاروقي چيو آهي ته سنڌ ۾ امڪاني برساتن ۽ ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ هنگامي اُپاءَ ورتا ويا آهن ۽ ايل بي او ڊي جي مرمت سان گڏوگڏ سمورا گهارا ڀريا ويا آهن ۽ انهن سمورن ڪمن تي اٽڪل 1500 ملين رُپيا خرچ ڪيا ويا. اهي ڳالهيون اڄ هُن مقامي هوٽل ۾ سنڌ ۾ ايندڙ ٻوڏ جي موضوع تي غيرسرڪاري تنظيم پاران منعقد ڪيل هڪ سيمينار ۾ مهمان خاص جي حيثيت سان خطاب ڪندي ۽ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪيون. هن چيو ته عام طور تي صوبي سنڌ ۾ 127 ملي ميٽر برسات جو امڪان هوندو آهي هن ڀيري اڳڪٿي آهي ته برساتون 155 ملي ميٽر کان وٺي 200 ملي ميٽرن تائين امڪان آهي. ان صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت ڀرپور اُپاءَ ورتا آهن ۽ اسان الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان ڪنهن به مصيبت کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. شرميلا فاروقي وڌيڪ چيو ته صدر آصف علي زرداري سنڌ حڪومت جي هنگامي قدمن مان مطمئن آهي ۽ صوبي ۾ ڪنهن به آفت کي منهن ڏيڻ لاءِ رليف ۽ بحالي جون وزارتون قائم ڪيون ويون آهن. هن چيو ته سنڌ ۾ امڪاني برساتن سان پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪجهه بندن کي حساس قرار ڏنو ويو آهي، گذريل سال آيل ٻوڏ کان متاثر خاندانن جي بحالي لاءِ سنڌ حڪومت ڀرپور قدم کنيا هئا عورتن کي ووڪيشنل سکيا فراهم ڪئي هئي ته جيئن اُهي پنهنجي ڪٽنبن کي سپورٽ ڪري سگهن. ان کان علاوه متاثر هارين کي ٻج، ڀاڻ ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪيون ويون هيون. ان موقعي تي سنڌ جي عورتن جي ترقي واري وزير توقير فاطمه ڀٽو سيمينار کي خطاب ڪندي چيو ته موجوده حڪومت برساتن ۽ ٻوڏ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ امڪاني صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي. هُن چيو ته ٻوڏ متاثر عورتن جي بحالي لاءِ عورتن جي ترقي وارو کاتو سرگرم رهيو ۽ عورتن کي ٻيهر معاشي طور تي مستحڪم ڪرڻ لاءِ کاتي ڪيترائي پروگرام شروع ڪيا هئا. ان موقعي تي ڊاڪٽر قيصر بنگالي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button