ٽنڊو محمد خان

امڪاني برساتن کان اڳ شهر جو ڊرينيج سسٽم بهتر بڻايو وڃي، ايس ٽي پي جو مطالبو

رپورٽ : فهيم ڀٽي، ٽنڊو محمد خان
ايس ٽي پي ضلعي ٽنڊو محمد خان پاران امڪاني برساتن کان اڳ شهر جي ناڪارا بڻيل ڊرينيج سسٽم خلاف مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر احمد نوناري ، ضلعي صدر رضا محمد خاصخيلي، هاري سنگت جي مرڪزي اڳواڻ جمن سمون، اقبال حاجاڻو، منور سومرو، ناري تحريڪ جي ضلعي اڳواڻ ثمينه خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ترقي پسند هائوس کان ريلي ڪڍي ڦليلي پل تي ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ٽنڊو محمد خان جو ڊرينيج نظام انتهائي ناڪاره بڻيل آهي جيڪو روزانو گندي پاڻي جون ناليون اٿلڻ سبب شهر کي ٻوڙيندو رهي ٿو، ۽ هر ايندڙ ڏينهن شهر جون گهٽيون ۽ روڊ گندي پاڻي سان ٻڏل رهن ٿيون ۽ هاڻي امڪاني سانوڻي برساتن سبب شهر جي ڊرينيج نظام جي ناڪارا بڻيل سبب شهر انتهائي خطرناڪ صورتحال ۾ اچي چڪو آهي ۽ ٿوري به برسات پوڻ سبب شهر ٻڏي سگهي ٿو، Tando Mohammad Khan Photo stpهنن چيو ته شهر جا مين روڊ بغير پلاننگ جي ٺاهڻ سبب روڊ مٿي ٿي ويا آهن ۽ شهر جون گهٽيون هيٺ آهن ۽ ڊرينيج ناڪارا آهي ان ڪري برسات جو پاڻي ٻاهر نه نڪري سگهندو ۽ نون ٺاهيل روڊن تان لهندڙ پاڻي شهر جي گهٽين مان گهرن ۾ داخل ٿيندو ۽ سڄو شهر ٻڏندو، هنن مطالبو ڪيو ته پوندڙ خطرناڪ امڪاني برساتن کان اڳ شهر جو ڊرينيج سسٽم بهتر بڻايو وڃي ۽ برساتن جي پاڻي جي نيڪال لاءِ ڊيزل تي هلندڙ پاڻي جا موٽر اڳواٽ گهرائي رکيا وڃن جيئن برساتن پوڻ شرط ئي پاڻي کي ئي ڪڍي سگهجي ، هنن چيو ته ٿوري به سستي شهر کي تباهه ڪري سگهي ٿي جنهن جا ذميوار هتان جا چونڊيل نمائندا ۽ ضلعي انتظاميه هوندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button