ڪراچي

امان امان قائم ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي: وڏو وزير

CM Sindh Qaim Ali Shahڪراچي: نئين مقرر ڪيل آءِ جي سنڌ پوليس فياض لغاري ڪالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سان وزير اعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وڏي وزير آءِ جي سنڌ سان ڳالهائيندي چيو ته امن امان قائم ڪرڻ سرڪاري جي پهرين ترجيح آهي ۽ سنڌ صوبي ۾ خاص طور تي ڪراچي اندر جيڪو ملڪ جي اقتصادي سرگرمين جو مرڪز آهي، اتي پر امن ماحول قائم ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا وڃن. سيد قائم علي شاهه چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خاص طور تي پوليس ۽ رينجرس جي بنيادي ذميداري آهي ته هو مثبت نتيجا ڏين، ڏوهارين ۽ سماج دشمن عنصرن خلاف فوري ۽ سخت ڪارروائي ڪن. هن چيو ته رمضان شريف جو ڀلارو مهينو اچڻ وارو آهي. ان لاءِ اسان پوليس جو گشت وڌائڻو پوندو. جڏهن ته پوليس چوڪين ۾ نفريءَ جي تعداد ۾ وڌا، ڀتا خوري ۽ ڦر لٽ جي وارداتن کي ختم ڪرڻ سميت سيڪيورٽي اپائن جا اڳواٽ انتظام ڪيا وڃن. سيد قائم علي شاهه پوليس کاتي کي هدايت ڪئي ته هو پوليس جي ڪارڪردگي ۽ ڪاميابين بابت اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا کي روزاني جي بنيادن تي آگاهي ڏين. هن آءِ جي سنڌ پوليس کي شهر جي واپاري مرڪزن، مارڪيٽن، بازارن ۽ خاص طور تي اولڊ سٽي جي ڪمرشل ايريا جي هول سيل مارڪيٽڻ لاءِ سيڪيورٽيءَ جا خاص انتظام ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو. آءِ جي سنڌ پوليس وڏي وزير کي يقين ڏياريو ته سيڪيورٽيءَ لاءِ خاص پلان جوڙيو ويو آهي. هن سنڌ جي وڏي وزير کي صوبي سنڌ خاص طور تي ڪراچيءَ ۾ امن جي فضا قائم ڪرڻ لاءِ پوليس طرفان جوڙيل حفاظتي انتظامن متعلق آگاهه ڪيو.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button