مختصر خبرون

اغوا ڪيل عورتن جو ڪيس ختم ڪرڻ خلاف مظاھرو

خيرپور(رپورٽ شڪيل احمد جانوري) ٺري ميرواهه ٿاڻي جي حد ڳوٺ هنڊياري ۾ پيار جي پرڻي بعد پلاند ۾ اغوا ڪيل عورتن جو ڪيس پوليس پاران خارج ڪرڻ خلاف ٺري ميرواهه جي رهواسين جو احتجاجي مظاهرو. تفصيل موجب ٺري ميرواهه ٿاڻي جي ڳوٺ هنڊياري جي رهواسين نظير احمد دستي، محمد حسين دستي، مريم دستي ۽ ٻين پريس ڪلب خيرپور اڳيان ٺري ميرواهه پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي صحافين کي ٻڌايوته هڪ مهينو اڳ ٺري ميرواهه ٿاڻي جي حد ڳوٺ هنڊياري ۾ قمر سلطانه ڌيءُ نظام الدين دستي ۽ وسيم اڪرم پٽ محمد قاسم دستي پنهنجي مرضي سان گهران نڪري پيار جو پرڻو ڪيو جنهن جي پلاند ۾ قمر سلطانه دستي جي وارثن وسيم اڪرم جي عزيزن فيروزان زال محمد حسين دستي، شمشاد عرف شمعان زال عارب دستي، ريحانا زال عاشق حسين دستي ۽ ٽن سالن جي ٻارڙي صنم ڌيءُ عارب دستي کي اغوا ڪري کڻي ويا هئا جنهن جو ڪيس ٺري ميرواهه ٿاڻي تي جوابدار نجم دستي، اقبال دستي، اظهر دستي، مظهر دستي، راجا دستي، ڪالو دستي، فرحان دستي، توفيق دستي، باقر دستي، ٽلو دستي سميت سٺ جوابدارن تي داخل ڪيو ويو هو. جڏهن ته دستي برادري جي وڏيري رئيس اقبال خان دستي برادري جو ڪٺ گهرائي جرڳو ڪيو هو جنهن ۾ پيار جو پرڻو ڪندڙ قمر سلطانه دستي ۽ وسيم اڪرم دستي کي ڪارو قرار ڏئي کين پڪڙي پٿر هڻي سنگسار ڪرڻ جي فتوا جاري ڪئي هئي. هنن چيوته ٺري ميرواهه پوليس اغوا ٿيل عورتن جو ڪيس برادري جي وڏيرن جي چوڻ تي خارج ڪري ڇڏيو آهي. هنن چيوته جوابدارن اسان مٿان وڏو ظلم ڪيو هو پر پوليس بااثر وڏيرن جي چوڻ تي ڪيس خارج ڪري ڇڏيوآهي. هنن چيوته جيڪڏهن اسانکي انصاف نه مليو ته اسان ايس ايس پي آفيس خيرپور اڳيان سخت احتجاج ڪنداسين.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button