پير جو ڳوٺ

اسماعيل شاهه راشدي فائرنگ، معجزي طور بچي ويو

Ismail Shah Rashdiپير جو ڳوٺ (رپورٽ: اصغر ملاح) پيرڳوٺ لڳ هٿياربندن جي سيد اسماعيل شاهه راشدي جي گاڏي تي ڇتي فائرنگ، معجزانه طور بچي ويو، گارڊن جي جوابي فائرنگ ۾ هٿياربند فرار، پوليس ڳوٺاڻن پاران هٿياربندن جا پيرا کنيا ويا، رپورٽ موجب، اڱاري اربع جي وچ واري رات دير سان پيرڳوٺ لڳ ڳوٺ ديندار وٽ نامعلوم هٿياربندن رجب ديندار جي گهر مان موٽر سائيڪل چوري ڪري وڃي رهيا هئا ته اوچتو فنڪشنل ليگ سنڌ جي صدر پير سيد صدر الدين شاهه راشدي جو فرزند سيد اسماعيل شاه راشدي وڏي قافلي جي صورت ۾ خيرپور کان واپس هادل شاهه وڃي رهيو هو ته ڄاڻايل هنڌ وٽ هٿياربندن مٿن قافلي مٿان ڇتي فائرنگ ڪري ڏني جنهن ۾ هو ۽ ساڻس گڏ فنڪشنل ليگ اڳواڻ ۽ ڪارڪن معجزانه طور بچي ويا جنهن بعد سيد اسماعيل شاهه راشدي جي گارڊن جي جوابي فائرنگ ۾ هٿياربند چوري ڪيل موٽر سائيڪل سارين جي فصل ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا، جڏهن ته هٿياربندن جي ڇتي فائرنگ سبب سيد اسماعيل شاهه جي لينڊ ڪيوزر ۽ گارڊن جي ڊبل ڪيبن گاڏين کي گوليون لڳڻ ڪري سخت نقصان رسيو آهي هوڏانهن اطلاع تي پيرڳوٺ پوليس ۽ علائقي جا سوين فنڪشنل ليگ اڳواڻ توڙي ڪارڪن واقعي واري هنڌ پهچي ويا جنهن بعد پوليس ۽ ڳوٺاڻن هٿياربندن جا پيرا کنيا جيڪي پيرڳوٺ لڳ ڪچي جي ڳوٺ ٻيڙي جاگيراڻي ۾ هنيا ويا پوليس ڪاروائي ڪندي طراب جاگيراڻي کي گرفتار ڪرڻ سان گڏ سندس گهر مان 3 مينهون ڪاهي ڍڪ حوالي ڪري ڇڏيو آهي ان کان اڳ پوليس واقعي واري هنڌ تان قربان علي ديندار کي پڻ گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي واقعي بابت ٻڌايو وڃي ٿو ته سيد اسماعيل شاهه راشدي ڪوٽڏيجي مان ميرن جي دعوت کائي واپس پنهنجي ڳوٺ هادل شاهه وڃي رهيو هو ته واقعو پيش آيو، هوڏانهن واقعي جي آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو. هوڏانهن واقعي سبب فنڪشنل ليگ جي اڳواڻن توڙي ڪارڪنن ۾ سخت تاءُ پکڙيل آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button