اسان کي عورتن کي پورا ، پورا حق ڏيڻا پوندا، سيمينار کي خطاب
شهدادڪوٽ ۾ سماجي تنظيم پاران انساني حقن بابت سيمينار ڪوٺائي ، ماڻهن کي ٻارڙن کي تعليم ڏيارڻ سميت سماجي مسئلن جي حل لاء گڏجي جاکوڙڻ جي اپيل ڪئي وئي ، هيومن رائيٽس ڊولپمنٽ ٽرسٽ پاران انساني حقن بابت سيمينار ڪوٺايو ويو ، رٿيل سيمينار کي هيومن رائيٽس ڊولپمينٽ ٽرسٽ جي ڊويزنل صدر غلام نبي ساسولي ، جاويد ڪمبوه ، حميد ڪمبوه ، ڊويزنل ڪوآڊينيٽرعامر سومرو ،نياز سيلرو ، ڊسٽرڪٽ بار ايسوسئيشن جي صدر منير احمد کهاوڙ ، محمد هارون سومرو ، صدف عباسي ، درمحمد مگسي ، ظفر کوسو ، سيما سومرو ، ياسمين راهوجو، شازيا قريشي ، ڪامريڊ اسحاق مغيري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته اسين مهذب قوم آهيون ، اسان کي عورتن کي پورا پورا حق ڏيڻا پوندا ، هنن چيو ته هن سماج ۾ انسانيت جي خدمت واري ڪم کي سنجيدگي سان وٺڻو پوندو ، سندن چوڻ هو ته معاشري ۾ تسيتائين تبديلي نه ايندي جيتري تائين پاڻ گڏجي نه پتوڙينداسين ، هنن چيو ته هُو اهڙو سماج جوڙڻ گھرن ٿا جنهن سان هڪ طاقتور وڏيرو به هٺ ڇڏي ساڻن سماجي ڪم ۾ ڪلهي سان ڪلهو ملائي گڏ هلي ، اهو تڏهن ئي ممڪن ٿيندو جڏهن اسين پنهنجن ٻاڙن کي بهتر تعليم نه ڏيارينداسين ۽ سنجيدگي سان گڏجي ڪردار ادا ڪنداسون ، هنن چيو ته هُو هتان جي پٺتي پيل تعليم سميت ٻين وڏن مسئلن جي حل لاء هڪ منظم تحريڪ شروع ڪري اوليت جي بنياد تي مسئلا حل ڪرائيندا، سيمينار ۾ حفيظ کوسي ،ثناءالله جروار ، جاويد لغاري ۽ ٻين اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي .