پير جو ڳوٺ

احمدپور واسي فوجي جوان اسڪردو لڳ جهاز حادثي ۾فوت

Soldier who died in air crash پير جو ڳوٺ (رپورٽ: اصغر ملاح) اسڪردو لڳ جهاز حادثي ۾ زخمي ٿيل احمدپور واسي فوجي جوان فوت، مڙهه اباڻي ڳوٺ آندو ويو ڳوٺ ۾ سوڳ، فوجي سلامي سان تدفين، رپورٽ موجب، 2 ڏينهن اڳ اسڪردو لڳ پهاڙي علائقي ۾ جهاز حادثي ۾ زخمي ٿيل احمدپور جي ڳوٺ وڏا کنڀڙا جو رهواسي 22 ساله فوجي جوان نور مصطفيٰ پٽ حسين بخش کنڀڙو ڪالهه اسڪردو جي سي ايم ايڇ هاسپيٽل ۾ زخمن جا سور نه سهندي شهيد ٿي ويو جنهن جو اطلاع سندس دوستن پاران شهيد فوجي جي وارثن کي ڏنو ويو جنهن بعد ڳوٺ ۾ سوڳ ۽ گهر ۾ ڪهرام مچي ويو هوڏانهن فوجي جوان جي شهيد ٿيڻ واري واقعي بعد سندس وارثن پاران ڳوٺ ۾ تڏو وڃايو ويو جڏهن ته شهيد فوجي جوان نور مصطفيٰ کنڀڙو جو مڙهه احمدپور لڳ اباڻي ڳوٺ وڏا کنڀڙو آندو ويو جيئن لاش ڳوٺ پهتو ته وارث عورتون لاش کي چنبڙي ويون ۽ ونيءَ کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا آهن هوڏانهن شهيد فوجي جوان جي جنازي نماز سندس اباڻي ڳوٺ وڏا کنڀڙا ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ مڙهه کڻي پهتل فوجي جوانن، علائقي جي سياسي سماجي اڳواڻن توڙي عزيزن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جنهن بعد نوجوان جي مڙهه کي فوجي سلامي سان ڳوٺ جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته شهيد فوجي جي 8 مهينا اڳ شادي ٿي هئي ۽ سندس گهر واري ڳورهاري آهي ٻئي طرف شهيد فوجي جوان جي پيءُ حسين بخش کنڀرو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مونکي پنهنجي شهيد پٽ جي شهادت تي فخر آهي جنهن ملڪ ۽ قوم جي وقار خاطر جان جو نذرانو ڏئي اسانجو ڳاٽ اوچو ڪيو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button