ڪراچي

آمريڪا پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ويڇا وڌائي هٿيارن جي تجارت ۽ خطي ۾ پنهنجي هڪ هٽي قائم ڪرڻ چاهي ٿو،رام پونياڻي

ڪراچي : معروف ڀارتي اسڪالر ۽ انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ پروفيسر رام پونياڻي چيو آهي ته آمريڪا پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ويڇا وڌائي هٿيارن جي تجارت ۽ خطي ۾ پنهنجي هڪ هٽي قائم ڪرڻ چاهي ٿو، ٻنهي پاڙيسري ملڪن وچ ۾ بهتر لاڳاپا ملڪن توڙي عوام جي مفاد ۾ آهن. ڀارتي فوج ولاريل ڪشمير ۾ ظلم ۽ بربريت جا رڪارڊ قائم ڪري انساني حقن جا سڀئي ليڪا لتاڙي ڇڏيا آهن. ڀارت توڙي پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي انساني حقن جي پامالي ٿي رهي آهي جنهن جي خاتمي لاءِ مذهب، رنگ ۽ نسل کان مٿاهون ٿي ڪري هر باشعور فرد کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ هيومن رائٽس نيٽ ورڪ سنڌ چيپٽر جي سري هيٺ قبا آڊيٽوريم ۾ ”اقليتن جي حقن کي درپيش خطرا“ جي موضوع تي رٿيل سيمينار کي خطاب دوران ڪيو. ان موقعي تي پي آءِ پي ايف جي اسد اقبال بٽ، ايڇ آرسي پي جي سيد شمس الدين ۽ هيومين راٽس نيٽ ورڪ پاڪستان جي جنرل سڪريٽري اسدالله ڀٽو،ڪمال فاروقي پڻ خطاب ڪيو. رام پونياڻي وڌيڪ چيو ته اسلام امن، پيار ۽ سلامتي وارو مذهب آهي جڏهن ته دهشتگردن جو ڪوبه دين ۽ ايمان ڪونه هوندو آهي. هندو ۽ مسلم جي بنياد تي نفرتون پکيڙي انسانيت جو رت وهايو پيو وڃي، ڀارت ۾ فسادن دوران سڀ کان وڌيڪ مسلمانن کي قتل ڪيو ويو، ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ جو ته ڪو حساب ئي ڪونه آهي جنهن جي ڪري لکين ڪشميرين کي مجبوري ۾ لڏ پلاڻ ڪري پنهنجو اباڻو ديس ڇڏڻو پيو. جيستائين جاگيرداري وارو فرق ختم نه ڪيو ويندو اوستائين سماج ترقي ڪندو ۽ نه ئي وري عام ماڻهن جي زندگي ۾ ڪو ڦيرو ايندو. اڄ اهو جاگيردار طبقو ”عوام وڙهايو حڪومت ڪريو“ واري پاليسي تي عمل پيرا آهي. هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا سامراج ڏکڻ ايشيا تي پنهنجي قبضي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ گڏيل هندستان جي عوام کي پاڻ ۾ ويڙهايو. سندس چوڻ هو ته ورهاڱي جو سڀ کان وڏو نقصان به مسلمانن کي ئي ٿيو جيڪي ٽن ملڪن ڀارت، بنگله ديش ۽ پاڪستان ۾ ورهائجي ويا.hrn sindh
هيومين راٽس نيٽ ورڪ پاڪستان جي جنرل سڪريٽري ۽ اڳوڻي ايم اين اي مولانا اسدالله ڀٽو ڀارتي اسڪالر رام پونياڻي جو آڌر ڀاءُ ڪندي چيو ته اسان ان جي حقوق انساني لاءِ ڪيل خدمتن کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا، ڀارت ۾ اڄ به اهڙا ماڻهو آهن جيڪي پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي انساني حقن لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن. مولانا ڀٽو وڌيڪ چيو ته ڪشمير ۾ انساني حقن جي شديد ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي، ڀارت ۾ مذهب جي بنياد تي مسلمانن جو قتل عام ۽ زيادتيون ڪيون پيون وڃن انڪري ٻنهي ملڪن ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين خلاف گڏيل طور تي آواز اٿاريو وڃي ته جيئن امن قائم ٿي سگهي. آخر ۾ مولانا ڀٽو آيل مهمان کي سنڌ جو روايتي تحفو اجرڪ پڻ پيش ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button