مختصر خبرون

آل سنڌ ايجوڪيش ڊپارٽمينٽ لوئر اسٽاف ايسوسيئيشن پارا ھڙتال جاري

لاڙڪاڻو(بختيار بگٽي)آل سنڌ ايجوڪيش ڊپارٽمينٽ لوئر اسٽاف ايسوسيئيشن تعلقھ ، ضلع لاڙڪاڻو طرفان پنھنجي جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ ٻئي ڏينھن بھ علامتي بک ھڙتال ڪئي. آل سنڌ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ لوئر اسٽاف ايسوسيئيشن سنڌ جي مرڪزي صدر دريا خان جمالي جي طرفان پنھنجي جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ پوري سنڌ ۾ احتجاج جو سلسلو شروع ڪيو. جنھن ۾ ٻئي ڏينھن لوئر اسٽاف ايسوسيئيشن لاڙڪاڻي طرفان مسئلن جي حل لاءِ پريس ڪلب لاڙڪاڻي اڳيان علامتي بک ھڙتال ڪئي . ھن بک ھڙتال جي اڳواڻي ضلعي لاڪاڻي جي صدر علي محمد کوکر ، جنرل سيڪريٽري غلام شبير ڪلھوڙو ، محمد علي لغاري ، وارث شيخ ، دامن علي جتوئي ، لياقت علي ڀٽو ۽ ٻين ڪئي ان موقعي تي اڳوڻن چيوتھ اسان جي پوري سنڌ ۾ ٽائيم پي اسڪيل ڏنو وڃي ۽ يونيفارم پوري سنڌ ۾ صحيح طريقي سان ڏنو وڃي ۽ فوتي ڪوٽا تي پوري سنڌ ۾ عمل ڪيو وڃي ھنن چيوتھ لوئر اسٽاف جي ملازمن کي جونيئر ڪلارڪ ۾ پروموشن ڏنا وڃن ان کان علاوھ سکر ضلعي جي صدر اياز علي مھر مٿان ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن ھنن وزير اعلي سنڌ ، وزير تعليم سنڌ ۽ سيڪريٽري تعليم کي اپيل ڪندي چيوتھ اسان جا جائز مطالبا حل ڪيا وڃن ۽ لوئر اسٽاف سان مائٽيلي ماءُ وارو سلوڪ بند ڪيو وڃي نھ تھ ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رھندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button