مختصر خبرون

آفتاب ملاح جي صدر زرداري سان ملاقات

ڪنڊيارو :پي پي ضلعي نوشهري فيروز جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري آفتاب ملاح پريس ڪلب ڪنديارو ۾ صحافين سان ڳالهائيندي دعواي ڪئي آهي ته هن ڪراچيءَ ۾ وزير اعلي هائوس ڪراچيءَ ۾ صدر آصف علي زرداريءَ سان ٿيل ملاقات دوران پنهنجي علائقي جي مختلف مسئلن،صحت،تعليم،شگر مل،بيروزگار نوجوانن متعلق ڪيترائي مسئلا پيش ڪيا جنهن بعد صدر آصف علي زرداري پاران سمورن مسئلن جي حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button