انٽرويو

ھر قانوني طريقا استعمال ڪري لاڙڪاڻي جي عوام کي امن جو تحفو ڏيندس، ايس ايس پي

lrk ssp javeed sonharo jaskani interweo by bakhtiar bugti larkanaلاڙڪاڻو(ڳالھھ ٻولھھ: بختيار بگٽي)ايس ايس پي لاڙڪاڻو جاويد سونھارو جسڪاڻي جي طرفان جيئن ئي لاڙڪاڻي جي چارج سنڀالي وئي تھ ڏوھارين ۾ ٿرٿلو پيدا ٿي ويو . لاڙڪاڻو شھر ڏوھارين کان صاف ٿيڻ لڳو ، مختلف قسمن جا ڏوھاري شھر ڇڏڻ تي مجبور ڪيترائي ڏوھاري گرفتار ان سلسلي ۾ براين جي خلاف انٽرويو ۾ ھن ٻڌايو تھ مون جيئن ئي لاڙڪاڻو پھچي چارج سنڀالي آھي تھ ڏوھارين سمجھيو تھ اسان ايس ايس پي لاڙڪاڻو جي ڪيل امن ڪوششن کي پائيمال ڪنداسين جيڪا انھن جي ڀل آھي مان لاڙڪاڻي کي امن جو گھوارو بڻائڻ چاھيان ٿو ۽ انشاءَ اللھ لاڙڪاڻي جي عوام کي سک جو ساھھ ۽ لاڙڪاڻي شھر۾ امن برقرار رکڻ لاءِ مان پنھنجا ھر قانوني طريقا استعمال ڪري لاڙڪاڻي جي عوام کي امن جو تحفو ڏيندس ۽ لاڙڪاڻي جو عوام مون کي دعائون ڏيندو ، ۽ لاڙڪاڻي ۾ ڏوھارين جي ھر جڳھھ ھر مورچو تباھھ ۽ برباد ڪندس ، ھن وڌيڪ چيوتھ مان پنھنجي بھادر سپاھين کي ڇوٽ ڏني آھي تھ جيڪو بھ ڏوھاري قانون کان مٿانھون قدم کڻندي ڏسو ۽ شھرين کان ڦر لٽ ڪندي ڏسي وٺو تھ ان سان ڪنھن بھ قسم جي رعايت نھ ڪئي وڃي ، انھن کي فورن گرفتار ڪري قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻي سخت ۾ سخت سزا ڏني وڃي. ھن ھڪ سوال جي جواب ۾ چيو تھ مون سماجي براين خلاف شروع ڪيل ڪريڪ ڊائون ڪندي ڪيترائي ڏوھاري ۽ مانگر مڇ گرفتار ڪيا آھن جن کان قانوني طور طريقي سان وڌيڪ جاچ پڙتال جاري آھي ۽ مان ڏوھارين جي سرپرستي ڪندڙن پاٿاري دارن ۽ انھن جي پناھھ گاھن تائين پھچي ڏوھارين جا ناپاڪ ارادا خاڪ ۾ ملائي پوءِ سک جو ساھھ کڻندس، ھن وڌيڪ چيو تھ ڏوھاري ڪنھن بھ وڏيري ، ڀوتار ، مير يا پير جي ٽڪرن تي ڇو نھ پلندڙ ھجي مان انھن وڏيرن ، ڀوتارن ، ميرن يا پيرن کي جيڪي ڏوھارين جي پٺڀرائي ڪري رھيا آھن ۽ پنھنجي ڇت جي ڇانو ھيٺان پناھھ ڏيئي رھيا آھن مان انھن کي بھ بخش نھ ڪندس، ھن وڏيڪ چيو آھي تھ منھنجا دروازا شھري ماڻھن، غريب ، بيسھارا عوام لاءِ ھر وقت کليل آھن ۽ مان واعدو ٿو ڪريان تھ ڪنھن سان بھ نا انصا في ٿيڻ نھ ڏبي .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button