مختصر خبرون
ڪولاب جيئل ۾ ايم اين اي طرفان اسٽريٽ لائيٽ لاءِ ڏنل پئسا ھڙپ
خيرپور(رپورٽ شڪيل احمد جانوري) ٽنڊومستي لڳ ڪولاب جيئل ۾ پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر مهرين ڀٽو طرفان اسٽريٽ لائيٽ لاءِ ڏنل پنجاهه لک رپيا انجنيئر ۽ ٺيڪيدار هڙپ ڪري ويا. تفصيل موجب ٽنڊومستي لڳ ڪولاب جيئل ۾ پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر مهرين ڀٽو شهر جي خوبصورتي لاءِ اسٽريٽ لائيٽ لاءِ پنجاهه لک رپيا ڏنا هئا جڏهن ته پبلڪ هيلٿ کاتي جو انجنيئر احمد خان ابڙو ۽ ٺيڪيدار سمورا پئسا ايڊوانس وٺي هڙپ ڪري ويا جڏهن ته ڪولاب جيئل ۾ هڪ پول به نه لڳايو ويو آهي ۽ معلوم ٿيو آهي ته اهي پئسا جون کان اڳ ۾ ئي انجنيئر ۽ ٺيڪيدار ملي ڀڳت ڪري ڪڍرائي هڙپ ڪري ويا آهن. جڏهن ته ٽنڊومستي جي شهرين وزيراعلى سنڌ کان مطالبو ڪيو ته اسٽريٽ لائيٽ جا پنجاهه لک رپيا هڙپ ڪندڙ انجنيئر ۽ ٺيڪيدار خلاف انڪوائري ڪري کين عبرتناڪ سزا ڏني وڃي.