مختصر خبرون

ڪنگري ۾ پوليس اهلڪار هٿان پرائمري استاد قتل

پير جو ڳوٺ (رپورٽ: اصغر ملاح) ڪنگري ۾ پوليس اهلڪار هٿان فنڪشنل ليگ تعلقي صدر جو چاچو گوليون هڻي بيدردي سان قتل، علائقي ۾ ڏهڪاءُ، جوابدار بندوق سميت گرفتار، رپورٽ موجب، ڪنگري جي علائقي ڳوٺ رفيق مهيسر ۾ وال چاڪنگ ڪرڻ تان منهن ماري دوران پوليس اهلڪار ظهير احمد مهيسر فنڪشنل مسلم ليگ تعلقي ڪنگري جي صدر ڄام انعام الله مهيسر جي چاچي ۽ رفيق مهيسر پرائمري اسڪول جي هيڊ ماستر رفيع الله مهيسر کي بندوق جا فائر ڪري کيس سخت مرڻينگ ڪري ڇڏيو جنهن کي وارث خيرپور اسپتال کڻائي وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ فوت ٿي ويو، واقعي بعد سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو جڏهن ته ٽنڊومستي پوليس مقتول جو لاش خيرپور اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش ڀائيٽي طفيل مهيسر حوالي ڪيو جيئن لاش ڳوٺ پهتو ته گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، هوڏانهن ٽنڊومستي پوليس جوابدار کي بندوق سميت گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي هوڏانهن اهڙي خبر پوڻ تي فنڪشنل ليگ جا ڪارڪن توڙي اڳواڻ ۽ علائقي واسي وڏي انگ ۾ مقتول جي تڏي تي پهچي ويا، مقتول جي جنازي نماز سندس اباڻي ڳوٺ رفيق مهيسر ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ جسقم ضلعي خيرپور جي صدر امجد مهيسر، گسٽا اڳواڻ مقصود مهيسر، فنڪشنل ليگ اڳواڻ طفيل مهيسر، نواز ليگ اڳواڻ عبدالله شر، هدايت الله مهيسر، ايڊوڪيٽ منظور مهيسر سميت وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي آهي، مقتول کي علائقي جي مشهور قبرستان شيخ طيب ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. ٻئي طرف آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو. ٻڌايو پيو وڃي ته مقتول هيڊ ماستر فنڪشنل ليگ تعلقي ڪنگري جي صدر ڄام انعام الله مهيسر ۽ جسقم ضلعي خيرپور جي صدر امجد مهيسر جو چاچو هو. جڏهن ته جوابدار پوليس اهلڪار ظهير مهيسر رڪروٽ ٽريننگ سينٽر خيرپور ۾ ڊيوٽي ڪندڙ آهي جتان هو گذريل هڪ هفتي کان مسلسل غير حاضر رهيو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button