خيرپور

ڪامريڊ غلام رسول سھتي جو وزن گھٽجي ويو

Comerade Ghulam Rasool Sahitoخيرپور(رپورٽ شڪيل احمد جانوري) خيرپور ضلعي جي ويهن کان وڌيڪ شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ اسڪارپ جا ٽيوب ويل بند هجڻ خلاف آبادگارن جي 63 هين ڏينهن به مرڻ گهڙي واري بک هڙتال جاري. بک هڙتالي ڪيمپ تي ڪوبه ڪامورو توڙي حڪومتي ڌر جو چونڊيل نمائندو لڙي نه آيو. بک هڙتالي آبادگارن جو بلڊ پريشر ۽ وزن گهٽجي ويو. تفصيل موجب خيرپور ضلعي جي ويهن کان وڌيڪ شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ اسڪارپ جا ٽيوب ويل بند هجڻ خلاف خيرپور ضلعي جي آبادگارن جي ڪامريڊ غلام رسول سهتو جي اڳواڻي ۾ ڦولباغ خيرپور ۾ 63هين ڏينهن به مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال جاري رهي. جڏهن ته بک هڙتالي ڪيمپ تي ڪوبه چونڊيل نمائنو لڙي نه آيو جڏهن ته سيڪريٽري ايريگيشن پاران بک هڙتالي آبادگارن سان ڪيل واعدي کان پوءِ به ڪيل سندس واعدو وفا نه ٿيو نه وري ڪو ڪامورو وٽن لڙي آيو. جڏهن ته بک هڙتالي آبادگارن صحافين سان ڳالهائيندي چيوته سيڪريٽري ايريگيشن چيف ايريگيشن، ڊي سي خيرپور ٻارنهن ڏينهن اڳ بک هڙتال ڪيمپ تي اچي واعدو ڪيو هو ته توهان جا جائز مطالبا آهن ۽ اهي پورا ڪيا ويندا پر اڄ ڏينهن تائين هڪ مطالبو به پورو نه ٿيو آهي. هنن چيوته اسان کين واضع ڪيو هو ته خيرپور ضلعي جي ويهن کان وڌيڪ شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ جي ڪري 75000 ايڪڙ کان وڌيڪ زمين بنجر بڻيل آهي. جڏهن ته 450 کان وڌيڪ ٽيوب ويل بند هجڻ جي ڪري 75000 ايڪڙن کان وڌيڪ زمين سم جي ور چڙهيل آهي ۽ کين اهو به ٻڌايوهو ته اسڪارپ جي سال ۾ 12 ڪروڙ کان وڌيڪ ٽيوب ويلن جي مرمت جي لاءِ بجيٽ آهي پر چئن سالن ۾ ٽيوب ويلن تي هڪ رپيو به خرچ نه ڪيو ويو آهي ۽ سڄي بجيٽ اسڪارپ عملدار هڙپ ڪري وڃن ٿا. جڏهن ته ايريگيشن جي بجيٽ به اربين رپين ۾ سالياني آهي ۽ چئن سالن ۾ ڪنهن به هڪ شاخ جي ڪپرن جي مرمت نه ٿي آهي. جنهن جي ڪري آبادگار بدحالي جو شڪار آهن. هنن چيوته اسان کين اهو به واضع ڪيو هيوسين ته توهان جا انجنيئر اسانجي سامهون اهو صرف اهو ٻڌائين ته هنن ٽيوب ويلن جي مرمت يا ايريگيشن جي ڪنهن شاخ جي ڪپر جي مرمت ڪرائي آهي پر هو خاموش رهيا. جڏهن ته سيڪريٽري ايريگيشن واضع طور تي ڪرپشن جا ثبوت ملڻ جي باوجود اسڪارپ توڙي ايريگيشن جي آفيسرن خلاف ڪوبه قدم نه کنيو. هنن چيوته اسانکي موجوده حڪمرانن ۾ ڪابه اميد ناهي ته هو آبادگارن جا جائز مسئلا حل ڪن پر اسانکي اميد آهي ته سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس اسانجي ضرور مدد ڪندو. هنن چيوته جيستائين خيرپور ضلعي جي ويهن کان وڌيڪ پڇڙي جي شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ ختم نه ٿيندي ۽ اسڪارپ جا بند ٿيل ٽيوب ويل چالو نه ڪيا ويندا ته اسان مرڻ گهڙي تائين واري بک هڙتال ختم نه ڪنداسين. جڏهن ته لڳاتار مرڻ گهڙي تائين واري بک هڙتال تي ويهڻ سبب بک هڙتالين جو بلڊ پريشر ۽ وزن گهٽجي ويو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button