مختصر خبرون

کجور منڊي ۾ گڏهه گاڏي واري مٿان تشدد، پورهيتن جو احتجاج

خيرپور (رپورٽ شڪيل احمد جانوري) کجور منڊي خيرپور ۾ دوڪان ٻاهران گڏهه بيهارڻ تان منڊي جو سيٺ مڇرجي پيو، گڏهه گاڏي واري مٿان تشدد، پورهيتن جو احتجاج. تفصيل موجب کجور منڊي خيرپور ۾ دڪان اڳيان گڏهه گاڏو بيهارڻ تي دڪان مالڪ سيٺ ڀوڄو مل مڇرجي گاڏو هلائيندڙ پورهيت الهڏنو مٿان تشدد ڪيو. جنهن خلاف سوين گڏهه گاڏو هلائيندڙ پورهيتن جو احتجاج قومي شاهراهه بند ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو. جنهن سبب قومي شاهراهه بند ٿي ويو جنهن سبب ٻنهي پاسن کان ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ان موقعي تي پورهيتن ديوان ڀوڄو مل خلاف سخت نعريبازي ڪري سندس گرفتاري جو مطالبو ڪيو. مظاهري جي اڳواڻي الهورايو شيخ، ذوالفقار ڦلپوٽو، حيدر بخش، مولا بخش پتافي ڪري رهيا هيا هنن چيو ته سيٺ ڀوڄو مل هڪ پاٿاريدار دوڪاندار آهي جنهن وٽ سڄو ڏينهن چور پاٿاريدار ڏوهاري قسم جا ماڻهو ويٺا هوندا آهن گڏهه لڏ لاٿي ته ڀوڄومل ڪاوڙ ۾ اچي بيگناهه پورهيتن مٿان تشدد ڪرايو آهي هنن چيو ته جيسيتائين ڀوڄو مل کي پوليس گرفتار نه ڪندي تيستائين اسان جو احتجاج جاري رهندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button