مختصر خبرون
ڀيل برادري جي عورتن مردن جو بااثر خلاف احتجاجي مظاهرو
خيرپور(رپورٽ شڪيل احمد جانوري) خيرپور جي ڀيل برادري جي عورتن مردن جو بااثر خلاف احتجاجي مظاهرو. تفصيل موجب خيرپور جي ڀيل برادري جي مردن عورتن ۽ ٻارڙن جو خيرپور پيرڳوٺ روڊ ڳاڙهي پل وٽ خيرپور جي بااثر اڪبر شيخ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهري جي اڳواڻي مٺوڀيل، رام ڀيل، چندرڀيل، ڀڳواني ڀيل ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. هنن چيوته اڪبرشيخ ٻه سال اڳ اسانجي هڪ عورت اغوا ڪري کڻي ويو آهي جيڪا ٻن سالن کان ان وٽ آهي هاڻي ان کي گم ڪري اسانجي مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائڻ جي لاءِ دڙڪا ڏياري موڪلي ٿو ۽ اسانکي ڪيترا ڀيرا پوليس ٿاڻن تي ٻڌرايو آهي. هنن سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کان انصاف جي گهر ڪندي بااثر پوليس جي ٽائوٽ اڪبر شيخ مان جان ڇڏائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.