پير جو ڳوٺ

پيرڳوٺ: ناريجا ڪليري ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار جو نبيرو ٿي ويو

khairpur1 640x480پير جو ڳوٺ (رپورٽ اصغر ملاح) پيرڳوٺ لڳ ناريجا- ڪليري ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار جو نبيرو ٿي گذريو، مجموعي طور ڌرين ساڍا 23 لک رپيه ڏنڊ، ڌريون کير کنڊ، علائقي ۾ خوشي جي لهر، رپورٽ موجب، پيرڳوٺ لڳ ڪولاب جيئل واري علائقي ۾ ڳوٺ پير محمدائي ناريجا ۽ ڳوٺ ڪليري جي ناريجا ۽ ڪليري برادرين وچم هلندڙ خوني تڪرار جو نبيرو ڊرٻ ميهر شاهه ۾ پ پ ايم پي اي سيد بچل شاهه جي رهائشگاهه تي سردار احمد علي خان پتافي جي سرپئنچي هيٺ ٿي گذريو نيبري ۾ ناريجا برادري پاران ايم پي اي سيد بچل شاهه، ايڊوڪيٽ عبدالحق اوڍو ۽ سيد الهه بچايو شاهه راشدي جڏهن ته ڪليري برادري پاران سيد معشوق علي شاهه ۽ رئيس علي حيدر ڪورائي مشير طور شرڪت ڪئي، ڪليري برادري پاران نور محمد ڪليري ۽ ناريجا برادري پاران علي حسن ناريجو بيان ڪيا، ڌرين جي بيانن بعد فيصلي جي سرپنچ مشيرن کي ساڻ ڪري بند ڪمري ۾ هڪ ڪلاڪ جي بحث مباحثي بعد فتوا جوڙي ورتي اهڙي فتوا ايڊوڪيٽ عبدالحق اوڍو سرپنچ ۽ ڌرين آڏو پڙهي ٻڌائي جنهن ۾ ناريجا برادريءَ مٿان ناري حرمت ڪليري کي اغوا ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 9 لک رپيه ڏنڊ ۽ جانب ڪليري جي قتل جو ڏنڊ 6 لک رپيه جڏهن ته خدا بخش ڪليري، علي گل ڪليري، مجيد ڪليري جي زخمي ٿيڻ جو 5 لک رپيه، هٿيار چوري ڪرڻ جو هڪ لک ڏنڊ ۽ ڪليري برادري مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائڻ جو هڪ لک رپيه ڏنڊ سميت ناريجا برادري مٿان 22 لک رپيه ڏنڊ وڌو ويو جڏهن ته عبدالرسول ناريجو کي زخمي ڪرڻ جو ڪليري برادري مٿان ڏوهه ثابت ٿيڻ جو ڏيڍ لک رپيه ڏنڊ وڌو ويو اهڙي طرح مجموعي طور ڌرين تي ساڍا ٽيويهه لک رپيه ڏنڊ وڌو ويو. ان موقعي تي مقتول جانب ڪليري جي پيءُ غازي خان ڪليري ناريجا برادري کي پنهنجي مقتول پٽ جو ڇهه لک رپيه ڏنڊ معاف ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جڏهن ته ناريجا برادري جي سردار حاجي ميرل خان ناريجو ڏنڊ جي رقم مان ڇهه لک رپيه موقعي تي ڪليري برادري کي ادا ڪيا باقي ڏنڊ جي رقم ٻن قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي، هوڏانهن سرپنچ ۽ مشيرن ڌرين کي قرآن پاڪ تي هٿ رکرائي ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪري ڇڏيو جڏهن ته اهڙي نيبري بعد علائقي ۾ خوشي جي لهر ڇانئجي وئي آهي، ان موقعي تي پيپلز پارٽي جا عبداللطيف ناريجو، دين محمد اڄڻ ۽ سوين مختلف برادرين جي چڱن مڙسن پڻ شرڪت ڪئي.
پير جو ڳوٺ: 4 سال اڳ ڪولاب جيئل واري علائقي ۾ بدنام ڌاڙيل احمد دين ناريجو پنهنجي ڀاءُ محمد دين سان گڏجي نوجوان ناري حرمت ڪليري کي اغوا ڪري ويو هو جنهن بعد علائقي جي چڱن مڙسن جي مداخلت تي ناري حرمت ڪليري کي موٽائي وارثن حوالي ڪيو ويو هو جنهن کي سندس وارثن قتل ڪري ڇڏيو هو ۽ ڄاڻايل ڌاڙيلن کي ان وقت جي ڊي پي او پير محمد شاهه ڪچي جي ناڪابندي ڪرائي پوليس مقابلي ۾ مارائي ڇڏيو هو.
پير جو ڳوٺ: گذريل ٽن مهينن کان پير آف گمبٽ سيد مصري شاهه ۽ مشهور سماجي اڳواڻ عنايت الله ناريجو ڪيترائي ڀيرا ڄاڻايل جھيڙيندڙ ڌرين ڏانهن پاڪ ڪتاب توڙي نياڻيون ميڙ ڪري ٺاهه جي اپيل ڪئي هئي جنهن بعد ڌرين ٺاهه لاءِ راضپو ظاهر ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button