پير جو ڳوٺ

پيرڳوٺ لڳ ڳوٺ کي خوفناڪ باهه، 7 گهر سڙي

Fire in Pir Jo Goth پير جو ڳوٺ (رپورٽ: اصغر ملاح) پيرڳوٺ لڳ ڳوٺ کي خوفناڪ باهه، 7 گهر سڙي ، 50 لک ماليت جو سامان پڻ سڙي ويو، متاثرن کلي آسمان هيٺ ويٺل، رپورٽ موجب، پيرڳوٺ لڳ ڳوٺ سڪندر آباد (ڪانهر) ۾ اوچتو ڳوٺ کي بجلي جي تارن مان باهه وڪوڙي وئي جنهنڪري 7 ڳوٺاڻن قربان ڪانهر، اقبال احمد، گلاب خان، رستم علي، علي نواز، دلبر علي ۽ خان محمد ڪانهر جي گهر ۽ گهر ۾ پيل الهه تلهه سونا زيور، روڪ رقم، اناج، کجين جو باردانو توڙي ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو جڏهن ڳوٺاڻن ۽ فائربرگيڊ پيرڳوٺ جي عملي مڙسي ڪري باهه تي ڪنٽرول ڪندي وڌيڪ گهرن کي سڙڻ کان بچائي ورتو، هوڏانهن باهه لڳڻ ڪري علائقي ۾ سخت خوف ۽ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، ان ڏس ۾ ڳوٺاڻن قربان علي ڪانهر، خان محمد ڪانهر ۽ ٻين ٻڌايو ته گهرن اندر ويٺل هئاسين ته اوچتو بجلي جي تار ( پي وي سي) مان باهه ڀڙڪي پئي جيڪا ڏسندي ڏسندي ڳوٺ کي وڪوڙي وئي هنن چيو ته باهه لڳڻ ڪري اسانجو سڀ ڪجهه سڙي رک ٿي ويو آهي جنهنڪري کلي آسمان هيٺ ويٺل آهيون.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button