لاڙڪاڻو

پاڪستان پيپلز پارٽي شھيد ڀٽو جو گڏيل ورڪرز اجلاس المرتضي ھائوس ۾ ٿيو

PPP SBلاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ)پاڪستان پيپلز پارٽي شھيد ڀٽو جو گڏيل ورڪرز اجلاس المرتضي ھائوس ۾ امتياز گاد جي صدارت ھيٺ ٿي گذريو اجلاس ۾ تعلقي سٽي آرگنائيزر رسول بخش ڀٽو ، مھراب ڀٽو ، ظھور جتوئي ، پنھل جاگيراڻي ، سڪندر ڀٽو ، عبدالستار جاگيراڻي ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيوتھ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ائٽم بم خالق شھيد ذولفقار علي جي فرزند ، ڪامريڊ شھيد شاھنواز ڀٽو جي ستاويھين ورسي المرتضي ھائوس ۾ ملھائي ويندي جنھن ۾ قرآن خواني ، تقريري پروگرام ۽ بعد ۾ ننگر تقسيم ڪيو ويندو اڳواڻن چيوتھ شھيد شاھنواز ڀٽو عوامي ھيرو ھو جنھن عوام جي حقن لاءِ پنھنجي جان جو نذرانو ڏنو اڳواڻن وڌيڪ چيوتھ موجودھ حڪمران پنھنجي مفادن ۾ مصروف آھن عوام بدامني ، بي روزگاري لوڊشيڊنگ ۽ مھانگائي ۽ ٻين مسئلن جي ڪري پنھنجا ٻچا وڪڙڻ تي مجبور آھن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button