مختصر خبرون
ٺيڙهي ڀرسان قومي شاهراهه تي ڪار ۽ ٽريڪٽر ٽرالي ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ فوت
خيرپور (ڊر) ٺيڙهي ڀرسان قومي شاهراهه تي ڪار ۽ ٽريڪٽر ٽرالي ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ فوت ٽي زخمي تفصيل موجب ٺيڙهي ڀرسان قومي شاهراهه تي ڪار ۽ ٽريڪٽر ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ حاجي محمد شر ٿڏي تي فوت ٿي ويو جڏهن ته ٽي ڄڻا سجاد احمد ، غلام مصطفيٰ ، شاهد حسين ۽ سجاد حسين زخمي ٿي پيا جن کي سول اسپتال خيرپور ۾ داخل ڪيو ويو آهي جن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وڃي ٿي. ٻٻرلوءِ پوليس آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ڪيو آهي پوليس لاش کي تحويل ۾ وٺي ۽ زخمين کي سول اسپتال ۾ داخل ڪرايو لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو لاش ڳوٺ شر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو فوتي جي جنازي ۾ سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي کيس اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.