مختصر خبرون

هاليپوٽا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو

خيرپور (رپورٽ شڪيل احمد جانوري) خيرپور شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ڀرسان هاليپوٽا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو هڪٻئي مٿان لتن مڪن جو وسڪارو هڪ ڄڻو گرفتار واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو تفصيل موجب سومر جي ڏينهن شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور ڀرسان هاليپوٽا برادري جي ٻن ڌرين ۾ قومي شاهراهه تي جھيڙو ٿي پيو جنهن ۾ڌرين هڪ ٻئي مٿان لتن مڪن ۽ ٺوشن جو سوڪارو لاهي ڏنو جنهن بعد اي سيڪشن پوليس هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري ورتو آهي جڏهن ته ريجنل مئنيجر انرجي سولر سسٽم سکر جي انچارج غلام سرور هاليپوٽو پريس ڪلب پهچي اخباروارن کي ٻڌايو ته هن ڇهه ست سال اڳ پيار جو پرڻو ثمينا جٽ سان ڪيو هو ان جي مائٽن نثار جٽ اقبال جٽ ۽ محمد رمضان جٽ هاليپوٽا برادري جي حسين بخش هاليپوٽو زوار هاليپوٽو، غلام نبي هاليپوٽو، حاجن هاليپوٽو ۽ محمد علي هاليپوٽو، ۽ ٻين شاهه لطيف يونيورسٽي ڀرسان قومي شاهراهه تي منهنجي مٿان بيگناهه حملو ڪيو ۽ مونکان پنجاهه هزار روڪ موبائيل فون ڦر ڪيا جنهن مان هڪ جوابدار کي پڪڙي پوليس حوالي ڪيو آهي پوليس واقعي جو ڪيس داخل نٿي ڪري جڏهن ته حسين بخش هاليپوٽو ٽيليفون تي اخباروارن کي ٻڌايو ته غلام سرور هاليپوٽو ۽ ان جي ماڻهن اسان تي حملو ڪيو آهي ۽ بيگناهه اسان تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ جي لاءِ ڊرامو ڪري رهيو آهي هن ايس ايس پي خيرپور کان واقعي جي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button