ن ليگ سنڌ جي اڳواڻ جو پٽ پڪنڪ دوران ڪوٽڙي بيراج ۾ ٻڏي فوت
خيرپور(ڊر) نواز ليگ سنڌ جو سينئر نائب صدر ايوب شر جو پٽ پڪنڪ دوران ڪوٽڙي بيراج ۾ ٻڏي فوت، گهر ۾ ڪهرام، سندس جنازي نماز ۾ سياسي سماجي اڳواڻن توڙي علائقي واسين ۽ برادري جي ماڻهن جي وڏي انگ ۾ شرڪت. خبر موجب نواز ليگ سنڌ جو سينئر نائب صدر ايوب شر جو پٽ ستين ڪلاس جو شاگرد پرواز احمد شر دوستن سان پڪنڪ ملهائڻ لاءِ ڪوٽڙي بيراج وٽ المنظر هوٽل تي ويل هو ته پير ترڪڻ سبب ڪوٽڙي بيراج ۾ ڪري پيو ۽ ٻڏي فوت ٿي ويو آهي. واقعي بعد سندس امڙ کي بيهوشي جا دورا پئجي ويا. فوتي نينگر جو لاش حيدرآباد کان سندس اباڻي ڳوٺ وڏا مهيسر آندو ويو. سندس جنازي نماز ۾ نواز ليگ جي الهورايو سومرو، ايڊووڪيٽ ڪي بي ڪٻر، ڄام انعام الله مهيسر، عبدالله شر، ايڊووڪيٽ منظور مهيسر، هدايت الله مهيسر، مشهور سماجي اڳواڻ عنايت ناريجو، افضل گجر، مجيب مهيسر، استاد نسيم مهيسر، سينئر صحافي مشتاق کنڊ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. فوتي نينگر کي سندس اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. سندس وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي.