ٽنڊو محمد خان

نواز شريف ۽ قومپرستن جي اتحاد سان ڪو به فرق نه پوندو، نويد قمر

رپورٽ : فهيم ڀٽي، ٽنڊو محمد خان
Naveed qamar talking to media1بچاءُ واري وفاقي وزير سيد نويد قمر چيو آهي ته نواز شريف ۽ قومپرستن جي اتحاد سان ڪو به فرق نه پوندو، پ پ وفاق جي علامت هجڻ سان گڏ پوري ملڪ جي وڏي ۾ وڏي جمهوري پارٽي آهي ۽ اسان جي ووٽ تي ڪو به فرق نه پوندو، پ پ جي چئني صوبن ۾ مقبوليت وڌي رهي آهي ۽ گيلاني واري سيٽ سڀني پارٽين جي مخالفت باوجود کٽڻ ان جو ثبوت آهي اهڙن خيالن جو اظهار هن ٽنڊو محمد خان جي ڳوٺ جمعون خاصخيلي ۾ روڊ جي افتتاح کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته وزيراعظم راجا پرويز اشرف سوئيز بئنڪ کي خط لکڻ لاءِ وفاقي ڪابينا ۽ ايوان کي اعتماد ۾ وٺي ڪو به فيصلو ڪري سگهي ٿو، ۽ عدليه سان ڪو به ٽڪراءُ ٿيڻ نه ڏنو ويندو، هن چيو ته ڊرون حملن کي روڪڻ لاءِ اسان پنهنجو احتجاج گڏيل قومن اڳيان ڪيو آهي ۽ ملڪي سلامتي لاءِ ڊرون حملن تي پاڪستان جو موقف قومي مفاد تحت قائم رهندو ، نيٽو جي سپلاءِ ۽ ڊرون حملن کي هڪٻئي سان گڏي نٿو سگهجي، هن چيو ته ذوالفقار آباد رٿا سنڌ صوبي لاءِ انتهائي فائديمند آهي جنهن سان روزگار سان گڏو گڏ علائقي جي ترقي ٿيندي ، پر قومپرست ان خلاف اجائي واويلا ڪري رهيا آهن ۽ ان کي سياسي اشو بنائي رهيا آهن هن چيو ته ڪراچي جي حالتن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ حڪومت عملي طور قدم کڻي رهي آهي ڪراچي پوري ملڪ جو وڏو شهر آهي جنهن ۾ امن امان قائم ڪرڻ ۽ مڪمل ضابطو آڻڻ لاءِ اڃا به وڌيڪ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي ۽ حڪومت ان کان چڱي ريت واقف آهي هن چيو ته سنڌ صوبي ۾ مڪاني ادارن جي نئين نظام لاءِ صوبائي حڪومت ۽ اتحادي جماعتن صلاح مشورا ڪيا آهن پر ڪو به حتمي فيصلو نه ڪيو ويو آهي ۽ اهي به امڪان آهن ته مڪاني ادارن جون چونڊون عام اليڪشن کان اڳ ڪرائڻ جي امڪان کي به رد نٿو ڪري سگهجي، هن چيو ته بجلي جي بحران جي مڪمل خاتمي لاءِ حڪومت بجلي جي پيداوار وڌائڻ لاءِ اپاءُ وٺي رهي آهي ۽ رمضان شريف جي مهيني ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ کي گهٽ ڪيو ويو آهي ۽ مهنگائي کي گهٽ ڪرڻ لاءِ پڻ اپاءُ ورتا ويا آهن ۽ يوٽيلٽي اسٽورن تي عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ سسبسٽي ڏني ويئي آهي جنهن تحت عوام کي رليف ملندو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سيد برڪات رضوي ، ڊي او روڊس طارق شيخ ۽ ٻيا موجود هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button