مختصر خبرون

ميمڻ ڳوٺ ۾ پوليس جي دڪاندارن تي چڙهائي

ملير: ميمڻ ڳوٺ ۾ پوليس جي دڪاندارن تي چڙهائي، هڪ دڪاندار گرفتار، پوليس خلاف شهر ۾ هڙتال ۽ ٿاڻي کي گهيراءُ، پوليس واپاري آزاد ڪري ڇڏيو تفصيل موجب ڪالهه منجهند ڌاري ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي جي پوليس اوچتو ميمڻ ڳوٺ جي شهر تي چڙهائي ڪري بازارن ۾ واپارين جي گرفتاري شروع ڪئي. اوچتي چڙهائي سبب ڪيترائي واپاري دڪان ڇڏي هليا ويا جڏهن ته پوليس علائقي جي مشهور واپاري دڪاندار عرفان ميمڻ کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو، پوليس جي اهڙي ڪاروائي خلاف دڪاندارن احتجاج ڪندي مراد ميمڻ جو شهر بند ڪري هڙتال ڪري ڇڏي جڏهن ته سوين ماڻهو احتجاجي مظاهرو ڪندا ٿاڻي پهتا ۽ پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ايس ايڇ او ماڻهن جي وڏي ميڙ کي ڏسي گرفتار ڪيل واپاري عرفان ميمڻ کي آزاد ڪري ڇڏيو. لاڪ اپ مان ٻاهر نڪرڻ مهل صحافين سان ڳالهائيندي واپاري ٻڌايو ته هو پنهنجي دڪان تي ويٺل هو ته اوچتو پوليس دڪان تي چڙهي آئي ۽ بنا ڪنهن سبب جي کيس بي عزتو ڪري گهيليندي ٿاڻي تي کڻي آئي ۽ لاڪ اپ ڪري ڇڏيو، هن چيو ته جيڪي واپاري شيون مهانگي اگهه تي وڪرو ڪن ٿا انهن کان پوليس ڀتو اوڳاڙي ٿي ۽ خاناپوري تحت ايماندار دڪاندارن ۽ شريف شهرين کي بنا ڪنهن سبب جي پڪڙيو لاڪ اپ ڪيو وڃي ٿو. هوڏانهن علائقي جي واپارين، سياسي سماجي اڳواڻن پوليس پاران واپاري جي گرفتاري جي مذمت ڪئي آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button