پير جو ڳوٺ

مذهبي تنظيمن پاران نيٽو سپلاءِ بحال ڪرڻ ۽ برما ۾ مسلمانن جي قتل خلاف احتجاجي ريلي

JTI Pir jo goth protestingپيرڳوٺ ۾ مذهبي تنظيمن جمعيت علماءِ اسلام ۽ جمعيت طلباءِ اسلام پاران نيٽو سپلاءِ بحال ڪرڻ ۽ برما ۾ مسلمانن جي قتل خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريلي جي اڳواڻي مولانا امداد الله ڪانهر، مولانا محمود احسن گلال، مولوي عنايت الله گلال، مولانا عبيدالرحمان، خير محمد لاشاري، محمد اجمل گلال، مولانا عزيز الرحمان، شفيق الرحمان، عبدالماجد سومرو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو اسلام انسانيت جو مذهب آهي اسلام امن ۽ سلامتي جو نالو آهي پر يهودين جي سازشن سبب دنيا جو امن ۽ سلامتي خطري ۾ پيل آهي هنن چيو ته پاڪستان سرڪار نيٽو سپلاءِ جي ٻيهر بحالي ڪري مسلمانن جي جذبن کي للڪاريو آهي هنن چيو ته برما ۾ سرعام مسلمان شهيد ٿي رهيا آهن جنهن لاءِ پاڪستان سرڪار کان مطالبو ڪيون ٿا ته برما جو سفارتخانو بند ڪرڻ سان گڏ نيٽو سپلاءِ پڻ جلد بند ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button