ڪتاب ۽ رسالالاڙڪاڻو

لاڙڪاڻو: ڏاڏو ڏتل ابڙو جي شعري مجموعي جي ڪتاب جي مھورت

lrk picsلاڙڪاڻو (رپورٽ: بختيار بگٽي)سنڌ جي نامياري شاعر ۽ سگھڙ ڏاڏو ڏتل ابڙو جي شعري مجموعي جي ڪتاب (تو کي آ منھنجو سلام سائين) جي مھورتي تقريب آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو ۾ ٿي گذري تقريب جي صدارت برک اديب ، دانشور ۽ اسڪالر ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ڪئي جڏھن تھ مھمان خاص چيئر مين سانگي فائونڊيشن سردار ظفر حسين سانگي جن ھئا.آيل سڀني مھمانن گڏجي ڪتاب (تو کي آ منھنجو سلام سائين) جي مھورت ڪئي . ان موقعي تي خطاب ڪندي ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ چيوتھ مون سگھڙ استاد ملوڪ عباسي سان گڏجي 1937 ۾ سنڌ سگھڙ ڀلائي سنگت جو بنياد وڌو ۽ برک دانشور ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سگھڙن لاءِ ۽ خاص لوڪ ادب لاءِ وڏو ڪم ڪيو سگھڙن وٽ عشق رسول صلعم سان گڏ پنجتن پاڪ جي محبت ۽ ڌرتي سان پيار موجودآھي ڏاڏو ڏتل ابڙو جو لکيل ڪتاب (تو کي آ منھنجو سلام سائين) سنڌي ماڻھن لاءِ ھڪ تحفوآھي سگھڙ اسان جي ٻولي جا محافظ آھن ان موقعي تي سردار ظفر سانگي چيوتھ سگھڙن جو لوڪ ادب ۾ ھڪ الڳ مقام آھي آءُ سندن سوچ کي سلام پيش ڪريان ٿو ان تقريب ۾ ڊاڪٽر نظير شيخ ، ڄام جمالي ، ناياب سرڪش سنڌي ، اديب محمد علي پٺاڻ ، ۽ سگھڙن عبدالرحمان مھيسر ، مير شبير عباسي ، ممتاز عباسي ، صالح عباسي ، کان علاوھ لاڙڪاڻو ميڊيا فورم جي صحافين ، سول سوسائٽي جي ماڻھن سميت سوين ماڻھن شرڪت ڪئي آخر ۾ محفل موسيقي جي محفل ٿي جنھن ۾ فنڪارن شيراز عباسي ، سڪندر سرگاڻي ۽ جئھ رام مختلف ڪلام چئي ماڻھن کي جھومائي ڇڏيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button