خيرپور

قرآن پاڪ کي شھيد ڪرڻ واري واقعي جي جاچ شروع

quranخيرپور(رپورٽ شڪيل احمد جانوري) خيرپور جي خانڻ شاهه محلي ڀرسان ڀيلن جي جهڳين ڀرسان قرآن پاڪ شهيد ڪرڻ واري واقعي جي ايس ايس پي خيرپور ٽي رڪني ڪاميٽي مقرر ڪري ڇڏي. ڪميٽي قرآن پاڪ شهيد ٿيڻ بابت جاچ ڪندي جڏهن ته گرفتار ٿيل ڀيل برادري جا ويهه ماڻهو اڃان تائين لاڪپ ۾ بند. اهلسنت والجماعت پاران واقعي جي فوري طور تي تحقيقات ڪري جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو. خيرپور جي خانڻ شاهه محلي ۾ گذريل رات ڀيلن جي جهڳين ڀرسان باهه ۾ قرآن پاڪ شهيد ڪرڻ واري واقعي جي ايس ايس پي خيرپور پاران ٽي رڪني ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آهي جنهن ۾ ايس پي هيڊڪوارٽر اڪبر وڳڻ، مذهبي جماعتن جا اڳواڻ سيد ناصر شاهه ۽ سيد ڪمال شاهه کي مقرر ڪيو جيڪا ڪميٽي ٻن ڏينهن ۾ رپورٽ ايس ايس پي خيرپور وٽ پيش ڪندي. جنهن کانپوءِ قرآن پاڪ شهيد ڪندڙ جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي. جڏهن ته ڀيل برادري جا گرفتار ٿيل ويهه ماڻهو لاڪپ ۾ بند آهن. جڏهن ته ٻئي طرف اهلسنت والجماعت پاران پريس هينڊ آئوٽ جاري ڪيو ويو آهي ته قرآن پاڪ شهيد ڪندڙ جوابدارن خلاف سخت ڪاروائي نه ڪئي وئي ته سخت احتجاج ڪيو ويندو. هنن چيوته جن ماڻهن به پاڪ ڪتاب شهيد ڪيو آهي انهن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ۽ هنن مسلمانن جا جذبا مجروح ڪيا آهن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button