مختصر خبرون

فنڪشنل ليگ اڳواڻ جي چاچي جو قتل ڪيس داخل

پير جو ڳوٺ (رپورٽ: اصغر ملاح) پيرڳوٺ لڳ پوليس اهلڪار هٿان قتل ٿيل فنڪشنل ليگ اڳواڻ جي چاچي جو قتل ڪيس داخل، پير پاڳاري ۽ ٻين پاران تعزيت، رپورٽ موجب، سومر واري ڏينهن پيرڳوٺ لڳ ٽنڊومستي واري علائقي ڳوٺ رفيق مهيسر ۾ وال چاڪنگ دوران پوليس اهلڪار ظهير مهيسر هٿان قتل ٿيل فنڪشنل ليگ اڳواڻ ڄام انعام الله مهيسر جي چاچي ۽ پرائمري اسڪول رفيق مهيسر جي هيڊماستر رفيع الله مهيسر جو قتل ڪيس سندس فرزند سهيل رفيع جي فرياد تي ٽنڊومستي ٿاڻي تي جوابدار ظهير مهيسر مٿان داخل ڪيو ويو آهي هوڏانهن حرن جي روحاني پيشوا ۽ فنڪشنل مسلم ليگ جي سربراهه پير صبغت الله شاهه پير پاڳاري فون ذريعي مقتول جي وارثن سان تعزيت ڪري ڏک جو اظهار ڪيو آهي ان سان گڏ مختلف سياسي سماجي ڳواڻن توڙي علائقي واسين سردار ڪرم الاهي مهيسر، سردار نظير ڄامڙو، اڳوڻي تعلقي ناظم خيرپور طاهر امتياز ڦلپوٽو، سردار غلام حيدر ڦلپوٽو، محمد علي وساڻ، سرائي عابد خان، فراز شاهه جيلاني، مخدوم نديم احمد هاشمي، پروفيسر نظر حسين چنه، عبدالله شر، منظور مهيسر سميت ڪيترن ماڻهن مقتول جي تڏي تي پهچي سندس وارثن ڄام انعام الله مهيسر، امجد مهيسر، طفيل مهيسر، مقصود مهيسر ۽ ٻين سان تعزيت ڪئي ۽ ڏک جو اظهار ڪيو. جڏهن ته ڪيس ۾ گهربل جوابدار ظهير مهيسر اڳ ئي پوليس هٿان گرفتار ٿيل آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button