سچل سرمست جي 191 عرس جو انتظام مڪمل، ڊي سي خيرپور
خيرپور:ڊپٽي ڪمشنر خيرپور ۽ چيئرمين سچل يادگار ڪاميٽي محمد عباس بلوچ چيو آهي ته حضرت سچل سرمست رح جي سالياني191 هين عرس جي موقعي تي سالياني ميلي جي حوالي سان سڀ انتظام مڪمل ڪيا پيا وڃن جڏهن ته مخلتف تقريبن جون سب ڪاميٽيون جوڙي لاڳاپيل کاتن جا ڪنوينر مقرر ڪيا ويا آهن. هن اهڙو اظهار ميلي جي حوالي سان ڊي سي هائوس ۾ گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. ڊي سي خيرپور چيو ته ميلي جي پهرين ڏينهن 14 رمضان المبارڪ 3 آگسٽ بروز جمعي ڏينهن تي صبح جو يارهين وڳي سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه حضرت سچل سرمست جي مزار تي گُلن جي چادر چاڙهي ميلي جي مختلف تقريبن جو افتتاح ڪندو. جڏهن سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه محفلِ سماع جي تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪندو جنهن ۾ سچل جا فقير سچل جو ڪلام ڳائيندا بعد ۾ وڏي وزير جي هٿان مختلف صنفن ۾ مڃتا ماڻيندڙن کي سچل ايوارڊ پڻ ڏنا ويندا. هن ٻُڌايو ته ساڳي ڏينهن تي رات جو سچل يادگار ڪاميٽي پاران سچل ڪامپليڪس ۾ محفلِ موسيقي پڻ منعقد ڪرائي ويندي جڏهن هن سال سُگهڙ ڪانفرنس 13 رمضان المبارڪ 2 آگسٽ بروز خميس ڏينهن شام 7 وڳي منعقد ڪرائي ويندي. چيئرمين سچل يادگار ڪاميٽي ڊي سي خيرپور وڌيڪ ٻُڌايو ته حضرت سچل سرمست رح جي سالياني عرس جي موقعي تي سنڌ جي ثقافتي راند ملاکڙو، ثقافتي نمائش، هارس اينڊ ڪيٽل شو توڙي ٻيون تقريبون پڻ منعقد ڪيون وينديون جنهن ۾ خيرپور ضلعي جا چونڊيل نمائندا مختلف تقريبن ۾ مهمان خاص جي حيثيت ۾ شرڪت ڪندا. ان موقعي تي گڏجاڻي ۾ ڊائريڪٽر ڪلچر رفيق احمد ٻُرڙو چيوته ثقافت کاتي پاران حضرت سچل سرمست جي 191 هين عرس جي موقعي تي ميلي جي ٻي ڏينهن 15 رمضان المبارڪ 5 آگسٽ بروز ڇنڇر جي شام جو سچل ڪامپليڪس درازا شريف ۾ سچل ادبي ڪانفرنس ۽ مشاعرو منعقد ڪرايو ويندو جنهن ۾ محفل موسيقي پڻ شامل هوندي. هن وڌيڪ ٻُڌايو ته سچل ادبي ڪانفرنس ۾ سچل جي فڪر کي عام ڪرڻ جي مقالن جي نشت لاءِ صوبي توڙي ملڪ جي نامور اديبن، شاعرن ۽ محققن کي سنڌ جي ثقافت کاتي پاران دعوت ناما موڪليا ويا آهن. گڏجاڻي ۾ ايس ايس پي خيرپور عرفان بلوچ سڪيورٽي انتظامن جي حوالي سان ٻُڌايو ته حضرت سچل سرمست رح جي سالياني عرس جي موقعي تي وڏي انگ ۾ پوليس عملدارن کي مقرر ڪيو ويندو جيڪي عرس جي موقعي تي امن امان جي صورتحال سان گڏو گڏ سڪيورٽي معاملن جي نگراني ڪندا. گڏجاڻي ۾ سچل يادگار ڪاميٽي جي ميمبرن امر اقبال ۽ حزب الله سومرو ڊي جي ڪلچر رفيق احمد ٻُرڙو کي خيرپور، سکر، لاڙڪاڻو، گهوٽڪي ۽ ٻين ضلعن جي اديبن کي ثقافت کاتي پاران ادبي ڪانفرنس لاءِ مقالا پڙهڻ لاءِ دعوت ناما موڪلڻ جي گُذارش ڪئي. گڏجاڻي ۾ سنڌ جي وڏي وزير جو پرائيويٽ سيڪريٽري مظهر حُسين، سچل يادگار ڪاميٽي جي ميمبرن لعل بخش منگي، ڊائريڪٽر ڪلچر خالق ڏنو نوناري، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون طارق نظاماڻي، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو ڪئپٽن انوارالحق، ضلعي اطلاعات آفيسر صاحب خان ڀنڊ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.