سنڌ جي مجموعي طور تي امن امان جي صورتحال بهتر آهي، قائم علي شاھ
خيرپور: سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ گهٽ ٿي آهي ۽ مجموعي طور تي امن امان جي صورتحال بهتر آهي. تازو پوليس پاران 11 ڄڻن کي ڀتاخوري جي ڪيسن ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ جڏهن ته جرائم پيشه ماڻهن خلاف سنڌ پوليس وڌ ۾ وڌ قدم کڻي رهي آهي. موجوده حڪومت پاران ڪرائيم کي گهٽائڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوششون ورتيون پيون وڃن. هن اهڙو اظهار سکر ايئر پورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته امڪاني برساتن ۽ ٻوڏ جي حوالي سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته ميٽرولاجي آفيس پاران ٻُڌايو ويو آهي ته هوا جو دٻاءُ گهٽ آهي ۽ جلدي ۾ برسات جي امڪان جي حوالي سان ڪابه اڳڪٿي ناهي. رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ عام واهپي وارين شين جي اگهن بابت ڳالهائيندي وزير اعلى سنڌ چيو ته وفاقي توڙي صوبائي حڪومت جي ڪوشش آهي ته رمضان ۾ عام واهپي جي شين جي اگهن تي وڌ ۾ وڌ ڪنٽرول ڪيو وڃي جنهن جي نتيجي ۾ قيمتن ۾ ڪافي حد تائين گهٽتائي آئي آهي. بعد ۾ سنڌ جي وڏي وزير سرڪٽ هائوس خيرپور ۾ ضلعي انتظاميه پاران سندس مان ۾ منعقد ڪيل افطار پارٽي ۾ شرڪت ڪئي ۽ مختلف ماڻهن جي وفدن سان ملاقاتون ڪيون ۽ سندن مسئلن جي حل لاءِ واسطيدار اختيارين کي هدايتون جاري ڪيون. جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه تعلقه هيلٿ آفيسر خيرپور ڊاڪٽر مير محمد سومرو سان سندس والد جي وفات ۽ پارٽي اڳواڻ علي مُراد ڀُٽو سان سندس پُٽ جي وفات تي تعزيت ڪئي. ان موقعي تي خيرپور شهر جي معزز ماڻهن، مختلف کاتن جي عملدارن ۽ پارٽي ورڪرن افطار پارٽي ۾ شرڪت ڪئي ۽ سنڌ جي وڏي وزير سان ملاقات ڪئي.