مختصر خبرون

ستين ڪلاس جي شاگرد جي بازيابي لاءِ ايس ايس پي آفيس خيرپور اڳيان احتجاجي مظاهرو

خيرپور(ڊر) گمبٽ تعلقي جي ڳوٺ الله ڏتو ڀنڊ مان ٽي ڏينهن اڳ اغوا ٿيل ستين ڪلاس جي شاگرد جي بازيابي لاءِ ڀنڊ برادري جي ماڻهن جو ايس ايس پي آفيس خيرپور اڳيان احتجاجي مظاهرو. تفصيل موجب گمبٽ تعلقي جي ڳوٺ الله ڏتو ڀنڊ مان ٽي ڏينهن اڳ پاڻي جي واري تان هٿياربندن هٿان اغوا ٿيل ستين ڪلاس جو شاگرد نعمت الله ولد عنايت الله ڀنڊ جي بازيابي جي لاءِ ڀنڊ برادري جي ماڻهن ايس ايس پي خيرپور جي آفيس ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهري جي اڳواڻي حامد ڀنڊ، اسدالله ڀنڊ، رحمت الله ڀنڊ، محمدحسن ڀنڊ ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. مظاهرين صحافين سان ڳالهائيندي چيوته ٽي ڏينهن ٿي ويا آهن. هٿياربند ستين ڪلاس جي شاگرد نعمت الله ڀنڊ کي اغوا ڪري ويا آهن. پر پوليس مغوي جي بازيابي لاءِ ڪوبه ڪردار ادا نه ڪيوآهي. هنن چيوته جيڪڏهن ٽن ڏينهن اندر بازياب نه ڪرايو ويو ته سخت احتجاج ڪيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button