مختصر خبرون

خيرپور ۾ پي ايس ٽي پاس اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو

خيرپور(رپورٽ شڪيل احمد جانوري) خيرپور ۾ پي ايس ٽي پاس اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري بک هڙتال ڪئي. تفصيل موجب اربع جي ڏينهن خيرپور ۾ پي ايس ٽي پاس اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف ڪچهري روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري علامقي بک هڙتال ڪئي. ان موقعي تي بک هڙتالي اميدوارن نثار احمد سولنگي، اڪبر گوپانگ، امير چنو، شاهد ملاح، زاهد دستي، علي خان کنڊ، ارشاد لاشاري، غلام نبي شر اخباروارن کي ٻڌايوته اسان سنڌ يونيورسٽي طرفان ورتل ٽيسٽ ۾ سٺ سيڪڙو مارڪون حاصل ڪري ڪاميابي ماڻي آهي. ان باوجود اسانکي آفر آرڊر نه ٿا ڏنا وڃن. هنن سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جيلاني ۽ ايم اين اي سيده نفيسه شاهه جيلاني کان مطالبو ڪيو آهي ته کين جلد آفر آرڊر ڏئي بيچيني ختم ڪري فاقه ڪشي کان بچايو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button