خيرپور

خيرپور ۾ پئسن عيوض نوڪرين جا هوڪا

خيرپور(ڊر) خيرپور ۾ پئسن عيوض نوڪرين جا هوڪا، ماڻهو نوڪريون وٺڻ لاءِ گهر مال ۽ سون وڪرو ڪرڻ لڳا. روينيو، ايجوڪيشن، پوليس، ايڪسائيز، اسڪارپ ۽ ٻين کاتن ۾ سوين ماڻهو پئسن عيوض ڀرتي. پوليس ۾ ڪيترائي ڏوهاري ماڻهو به ڀرتي ٿي ويا جن جي ويريفڪيشن به ٿي وئي. جڏهن ته ميرٽ جي لتاڙ سبب هوشيار، اهل ۽ ذهين نوجوانن ۾ مايوسي. پئسن تي نوڪريون وٺندڙن کان پهرين قرآن کڻايو وڃي ٿو ته ڪنهن سان به ڳالهه نه ڪجو. تفصيل موجب خيرپور ۾ پئسن عيوض نوڪرين جا هوڪا آهن. سياسي هائوسن تي ويٺل ايجنٽ کلي عام نوڪرين جو واڪ لڳائي رهيا آهن. جنهن جي ڪري بيروزگار نوجوان نوڪريون وٺڻ لاءِ پنهنجا گهر مال ۽ سون وڪرو ڪري نوڪري وٺڻ لاءِ ايجنٽن کي پئسا ڏين ٿا ۽ ايجنٽ ڪيترن ئي نوجوانن کي مختلف کاتن ۾ آرڊر ڏنا آهن. جڏهن ته حيرت جي ڳالهه آهي ته پوليس کاتي ۾ اهڙا به ماڻهو ڀرتي ڪيا ويا آهن جيڪي مختلف ڏوهن ۾ ملوث رهيا آهن ۽ مٿن مختلف ٿاڻن تي ايف آءِ آرز به داخل آهن. حيرت جي ڳالهه ته انهن جي ٿاڻن تان ويريفڪيشن به ٿي وئي آهي. جڏهن ته اسڪارپ کاتي ۾ پئسن عيوض جيڪا ڀرتي ڪئي وئي آهي اڪثر خيرپور جي ماڻهن کي سوڀوديرو، گمبٽ ۽ ٻين شهرن ۾ ٽيوب ويلن تي چوڪيدار، آپريٽر ۽ بيلدار طور ڀرتي ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ميرٽ جي اهڙي لتاڙ سبب پڙهيل لکيل، اهل ۽ هوشيار نوجوانن ۾ مايوسي ڦهلجي وئي آهي ۽ وڏي ڳالهه اها آهي ته جن ماڻهن جا به آرڊر نڪتا آهن انهن اپلاءِ به نه ڪيو آهي. اهڙن آرڊرن نڪرڻ کانپوءِ خيرپور ضلعي جي ذهين، هوشيار، بيروزگار نوجوانن منصور ميمڻ، محمد عاقل، محمد علي، ارشدشيخ، پپوبلوچ ۽ ٻين چيوته موجوده حڪومت ۾ ذهين ۽ هوشيار شاگردن سان ظلم ڪيو ويو آهي. هر کاتي ۾ ميرٽ جي لتاڙ ڪئي وئي آهي. هنن چيوته سياسي ماڻهن پئسي ڪمائڻ لاءِ حقدار نوجوانن جا حق غضب ڪري نااهل ماڻهن کي پئسن عيوض ڀرتي ڪري رهيا آهن. هنن چيوته هن دور کان ته مشرف جو دور ڀلو هو گهٽ ۾ گهٽ پنجاهه سيڪڙو ميرٽ تي نوڪريون ڏنيون وينديون هيون. پر موجود حڪومت پاڻ کي جمهوري حڪومت چورائي رهي آهي ۽ ميرٽ جي لتاڙ ڪري رهي آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button