خيرپور

خيرپور ۾ بشير قريشي جي جزن جي چڪاس نه ٿيڻ ۽ ذوالفقار آباد رٿا خلاف جسقم جي بک هڙتال

JSQM strikeخيرپور (رپورٽ شڪيل احمد جانوري) خيرپور ۾ شهيد بشير قريشي جي جزن جي چڪاس نه ٿيڻ ۽ ذوالفقار آباد رٿا خلاف جسقم جي بک هڙتال خبر موجب خيرپور ۾ جسقم جي ڪارڪنن سيشن ڪورٽ ٻاهران شهيد بشير قريشي جي جزن جي چڪاس نه ٿيڻ ۽ ذوالفقار آباد رٿا خلاف بک هڙتال ڪئي. ان موقعي تي فرحان کوسو، صادق سومرو، ضمير جاگيراڻي، سجاد شاهه، لياقت جتوئي، سجاد سنڌي، امتياز شيخ، امجد مهيسر، ڪليم الله، محرم ۽ ٻين بک هڙتالين چيوته حڪومت شهيد بشير خان قريشي جي جزن جي چڪاس نه ڪرائي ۽ ذوالفقار آباد رٿا منظور ڪري سنڌ دشمني جو ثبوت ڏنو آهي. هنن چيوته سنڌ جا ماڻهو ڪڏهن به ذوالفقار آباد رٿا کي ٺهڻ نه ڏيندا. هنن چيوته جيستائين شهيد بشير خان قريشي جي جزن جي چڪاس نه ڪرائي ويندي ۽ ايم ڪيو ايم جي فرمائش تي ذوالفقار آباد رٿا جي پلاننگ ختم نه ڪئي ويندي جسقم طرفان جدوجهد جاري رهندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button