مختصر خبرون

خيرپور: ڦلپوٽا برادري ۾ جھيڙو، ٻه ڄڻا مارجي ويا

خيرپور(رپورٽ شڪيل احمد جانوري) خيرپور جي سي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڀاڻو ڳوٺ ۾ ڦلپوٽا برادري جي ٻن ڌرين ۾ فائرنگ ٻه ڄڻا مارجي ويا ڌريون مورچابند علائقي ۾ پوليس پڪٽون قائم علائقي ۾ خوف ۽ حراس فائرنگ دوران کجين تي مزدوري ڪندڙن ۾ڀاڄ پئجي وئي. تفصيل موجب خيرپور جي سي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڀاڻو ڳوٺ ۾ ڦلپوٽا برادري جي ٻن ڌرين عبدالغفور ڦلپوٽو ۽ حميد ڦلپوٽو جي ڌرين ۾ تڪرار تان فائرنگ شروع ٿي وئي. جنهن ۾ گوليون لڳڻ سبب عبدالغفور پٽ غلام ڦلپوٽو ۽ بدر پٽ الهوڌايو ڦلپوٽو مارجي ويا. سي سيڪشن پوليس لاشن کي تحويل ۾ وٺي سول اسپتال خيرپور مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان پوءِ لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيا جڏهن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جا ڪيس داخل نه ٿيا آهن جڏهن ته ٻن ڄڻ جي مارجڻ کانپوءِ ڌريون مورچابند ٿي ويون آهن ۽ فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو. جڏهن ته فائرنگ سبب کجين جي باغن تي ڪم ڪندڙ پورهيتن ۾ ڀاڄ پئجي وئي. خيرپور پوليس امن امان بحال رکڻ خاطر علائقي ۾ پوليس پڪٽ قائم ڪري ورتي آهي. جڏهن ته ٻنهي فوتين جي تدفين هٿيارن جي ڇانو ۾ ٿي آهي. جڏهن ته غفور ڦلپوٽو ۽ تل ڦلپوٽو ۾ تڪرار هلندڙ هيو جنهن ۾ اڳمي تل ڦلپوٽو سميت ٻنهي ڌرين جا يارنهن ماڻهو مارجي چڪا آهن ۽ ٻنهي ڌرين جو اڳ ۾ فيصلو به ٿيو هو جنهن ۾ ڌرين هڪٻئي کي ڏنڊ ڏوهه ڏئي هڪٻئي جا ڪيس ختم ڪرايا هئا ۽ ڌرين هڪٻئي جا ويجھا عزيز هجڻ سان گڏ هڪ ئي ڳوٺ ۾ رهندا آهن آچر جي ڏينهن اڳمي مارجي ويل تل ڦلپوٽي جي پٽ حميد ڦلپوٽو پنهنجا هٿياربند ساڻ ڪري غفور ڦلپوٽو ۽ در محمد ڦلپوٽو مٿان حملو ڪيو جنهن ۾ عبدالغفور ڦلپوٽو مارجي ويو ۽ جوابي فائرنگ ۾ حملي آور بدر پٽ الهوڌايو ڦلپوٽو به مارجي ويو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button