خيرپور

خيرپور ضلعي جي ويهن کان وڌيڪ شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف بک ھڙتال

HNG KAMRED BUKH HRTALخيرپور(ڊر) خيرپور ضلعي جي ويهن کان وڌيڪ شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ اسڪارپ جا ٽيوب ويل بند هجڻ خلاف آبادگارن جي 51هين ڏينهن به مرڻ گهڙي تائين جي بک هڙتال جاري رهي. جڏهن ته مختلف شهرن کان آبادگارن جا وفد بک هڙتالي ڪيمپ تي پهچي سندن حمايت ۾ ڪيمپ تي ويٺا. تفصيل موجب خيرپور ضلعي جي ويهن کان وڌيڪ شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ اسڪارپ جا 450 کان وڌيڪ ٽيوب ويل بند هجڻ خلاف آبادگارن جي ڪامريڊ غلام رسول سهتو جي اڳواڻي ۾ مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال 51هين ڏينهن به جاري رهي. جڏهن ته سوڀوديرو، راڻيپور، هنگورجا، سڳيون، فيض گنج ۽ ٻين شهرن کان آبادگارن جا وفد بک هڙتالي ڪيمپ تي پهچي سندن حمايت ۾ ڪيمپ تي ويٺا. ان موقعي تي بک هڙتالي آبادگارن چيوته خيرپور ضلعي جي ويهن کان وڌيڪ شاخن ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ جي ڪري 75000 ايڪڙن کان وڌيڪ زرعي زمين بنجر بڻجي وئي آهي. جڏهن ته اسڪارپ جا ٽيوب ويل بند هجڻ سبب 75000 ايڪڙن کان وڌيڪ زمين سم جي ور چڙهي وئي آهي جڏهن ته اسڪارپ ۽ ايريگيشن جا ڪامورا ملندڙ ڪروڙين رپين جي بجيٽ هڙپ ڪري وڃن ٿا. هنن چيوته جيستائين بند پيل ٽيوب ويل چالو ڪري ۽ ويهن کان وڌيڪ شاخن ۾ پڇڙي جي آبادگارن کي پاڻي جي کوٽ بند نه ڪئي ويندي مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال جاري رهندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button