مختصر خبرون

خيرپور جي جانوري ڳوٺ جو ٽرانسفارمر پندرنهن ڏينهن کان خراب

خيرپور(رپورٽ شڪيل احمد جانوري) خيرپور جي جانوري ڳوٺ جو ٽرانسفارمر پندرنهن ڏينهن کان خراب. رمضان ۾ سحري ۽ افطاري ۾ تڪليف. رهواسي شديد گرمي سبب سخت پريشان. احتجاجي مظاهرو. تفصيل موجب خيرپور جي جانوري ڳوٺ جو ٽرانسفارمر گذريل پندرنهن ڏينهن کان خراب ٿي ويو آهي. جنهن خلاف جانوري ڳوٺ جي رهواسين پريس ڪلب خيرپور ٻاهران احتجاج ڪيو. احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙن لال محمد جانوري، احمد علي جانوري، اميد علي جانوري ۽ ٻين چيوته اسانجي ڳوٺ جو ٽرانسفارمر پندرنهن ڏينهن اڳ خراب ٿي ويو هو جنهن کي تبديل ڪرڻ لاءِ سيپڪو وارن کي رشوت به ڏني آهي پر ان باوجود پندرنهن ڏينهن گذرڻ کانپوءِ به تبديل نه ڪيو ويو آهي. هنن چيوته بجلي نه هجڻ ۽ سخت گرمي ۾ بجلي نه هجڻ سبب روزيدارن کي سحري ۽ افطاري ۾ به تڪليف ٿئي ٿي. جڏهن ته روزيدار سڄو ڏينهن سخت تڪليف ۾ وقت گذارين ٿا. هنن مطالبو ڪيو ته سندن ڳوٺ جو سڙيل ٽرانسفارمر فوري طور تي تبديل ڪري ڏنو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو جنهن جي ذميواري سيپڪو خيرپور تي هوندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button