ڪراچي

بينڪون 23 جولائي تي بند رهنديون

ڪراچي(رپورٽر) اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان، بينڪنگ سروس ڪارپوريشن اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جون سموريون آفيسون، بينڪون، مالياتي ادارا ۽ مائيڪرو فنانس بينڪون سومر 23 جولائي 2012 تي ذڪوات جي ڪٽوتي جي ڪري عام وهنوار لاءِ بند رهنديون. ٻئي طرف رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ سموريون بينڪون، ڊوولپمينٽ فنانس انسٽيوشن، مائڪرو فنانس بينڪون ۽ اسٽيٽ بينڪ جون سموريون فيلڊ آفيسون سومر کان خميس ڏينهن تائين صبح 8.30 کان منجهند 2 وڳي تائين بنا وقفي جي کليل رهنديون. جڏهن ته جمع ڏينهن صبح 8.30 کان منجهند 12.30 وڳي تائين کليل رهنديون.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button