لاڙڪاڻو

بلاول ڀٽو زرداري ڳڙھي خدا بخش پھچي شھيدن جي مزار تي حاضري ڀري

lrk bilawel bhutto zardariلاڙڪاڻو( رپورٽ: بختياربگٽي)پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئر مين بلاول ڀٽو زرداري ڳڙھي خدا بخش پھچي شھيدن جي مزار تي حاضري ڀري شھيد ذولفقار علي ڀٽو ۽ شھيد محترمھ بينظير ڀٽو ۽ ٻين شھيدن جي مزار تي گلن جون چادرون چاڙھيون ۽ فاتح خواني ڪئي ان موقعي تي ڪمشنر لاڙڪاڻو سعيد مٽڻيجو، ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو عبدالعليم لاشاري ، خير محمد شيخ ۽ پارٽي جا عھديدار ۽ ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي بعد ۾ بلاول ڀٽو زرداري لاڙڪاڻي جو دورو پڻ ڪيو جڏھن بلاول ڀٽو زرداري شھر اندر داخل ٿيو تھ پارٽي ڪارڪنن ۽ عوام سندس جو شاندار استقبال ڪيو بلاول ڀٽو زرداري جڏھن بندر روڊ تي پھتو تھ ماڻھن سندس مٿان گل نشاور ڪري جيئي ڀٽو جا نعرا ھنيا ان موقعي تي سڄي شھر ۾ سڪيورٽي جا سخت انتظامات ڪيا ويا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button