لاڙڪاڻو

بدنام ڌاڙيل سينگار علي جتوئي کي اسلحي سميت گرفتار

lrk ssp larkana javeed jaskaniلاڙڪاڻو(رپورٽ: بختيار بگٽي) رتو ديرو پوليس پاران سکر ، گھوٽڪي ۽ شڪارپور جي پوليس کي مختلف ڏوھن ۾ گھربل 10لک انعام يافتھ ڌاڙيل سينگار علي جتوئي کي اسلحي سميت گرفتار ڪري ورتو آھي .ايس ايس پي لاڙڪاڻو جاويد سونھارو جسڪاڻي جي پريس ڪانفرنس، ايس ايس پي لاڙڪاڻو جي سخت ھدايتن تي ڏوھارين خلاف ڪريڪ ڊائون جو سلسلو جاري ، امن امان جي صورتحال کي مستحڪم رکڻ لاءِ ھر ممڪن اپاءَ ورتا ويندا ، لاڙڪاڻي جي باشعور عوام ۽ لاڙڪاڻي جي سجاڳ ميڊيا جي تعاون سان جرائم پيشھ ماڻھن لاءِ زمين تنگ ڪئي ويندي اھڙي خيالن جو اظھارڪالھھ ايس ايس پي لاڙڪاڻو جاويد سونھارو جسڪاڻي پنھنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو ھن وڌيڪ چيوتھ گذريل رات رتو ديرو پوليس ڀرپور ڪاروائي ڪري سنڌ سرڪار پاران مٿن مقرر ڪيل.1 لک انعام يافتھ ڌاڙيل سينگار جتوئي کي ھٿيارن سميت گرفتار ڪري ورتو جنھن تي ايس ايس پي لاڙڪاڻو جاويد سونھارو جسڪاڻي رتو ديرو پوليس جي ڊي ايس پي ياسين ٽڳڙ ۽ ٻين پوليس اھلڪارن کي بھادري تي خراج تحسين پيش ڪندي ۽ شاباشيون پڻ ڏنيون ميڊيا پاران سوال ڪرڻ تي ايس ايس پي جواب ڏيندي چيوتھ لاڙڪاڻي جي لکن جي آبادي واري شھر ۾ پوليس نفري جي وڌيڪ ضرورت آھي جڏھن تھ پوليس جي اھلڪارن کي امن امان قائم رکڻ لاءِ ھر چوڪ ، بازارن ۽ گھٽين توڙي بئنڪن اڳيان گشت ڪرڻ جي ھدايت پڻ سختيءَ سان ڪئي آھي ھن وڌيڪ چيوتھ قبائلي علائقن ۾ جرائم جي خاتمي لاءِ ڪوششون ورتيون پيون وڃن ھن ھڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ چيوتھ گرفتار جوابدار سکر ، گھوٽڪي ۽ شڪار پور پوليس کي قتل ، ڦر ۽ اغوا جي ڪيسن ۾ ڪيترن ئي سالن کان گھربل ھو گذريل رات شاھھ جو لاڙو ڳوٺ ڀرسان رتو ديرو پوليس جي ڪاروائي سبب جوابدار سينگار جتوئي جي ڪلاشن ڪوف ۽ 90 رائونڊ سميت گرفتاري ممڪن ٿي جڏھن تھ پوليس مقابلي دوران سندس جا ٻيا ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا جنھن جي ڳولھا اڃا جاري آھي ايس ايس پي لاڙڪاڻو ٻڌايو تھ گرفتار جوابدار ڏوھن جو اعتراف پڻ ڪيو آھي ،وڌيڪ جاچ پڙتال جاري آھي ۽ مان انھن ڏوھارين کي توڙي ڏوھارين جي سرپرستي ڪندڙن پاٿاري دارن کي ٻڌائڻ چاھيان ٿو تھ اھي پاڻ کي قانون جي گرفت ۾ آڻين نھ تھ حشر کين خراب ٿيندو ۽ انھن جي پناھھ گاھن تائين پھچي ڏوھارين جا ناپاڪ ارادا خاڪ ۾ ملائي پوءِ سک جو ساھھ کڻندس، ھن وڌيڪ چيو تھ ڏوھاري ڪنھن بھ وڏيري ، ڀوتار ، مير يا پير جي ٽڪرن تي ڇو نھ پلندڙ ھجي مان انھن وڏيرن ، ڀوتارن ، ميرن يا پيرن کي جيڪي ڏوھارين جي پٺڀرائي ڪري رھيا آھن ۽ پنھنجي ڇت جي ڇانو ھيٺان پناھھ ڏيئي رھيا آھن مادروازا شھري ماڻھن، غريب ، بيسھارا عوام لاءِ ھر وقت کليل آھن ۽ مان واعدو ٿو ڪريان تھ ڪنھن سان بھ نا انصا في ٿيڻ نھ ڏبي .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button