ڪراچي

ايڪٽ 2012 جي مسودي جو جائزو

فدا حسين، ڪراچي
mqm ppp 400ڪراچي(رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ متحده قومي موومينٽ جي ڪور ڪميٽيءَ جي اهم گڏجاڻي اڄ وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿي. پيپلز پارٽي ءِ ايم ڪيو ايم جي ڪور ڪميٽي جي سي ايم هائوس ۾ ٿيل گڏجاڻي ۾ آغا سراج دراني ، اياز سومرو،سيد مراد علي شاه ، فاروق ستار، سيد سردار احمد ، ڪنور نويد جميل ۽ واسع جليل مڪاني ادارن بابت نئين قانون تي ڳالهه ٻولهه ڪري رهيا آهن.
اجلاس ۾ پيپلز پارٽيءَ طرفان آغا سراج دراني،سيد مراد علي شاهه ۽ محمد اياز سومرو، جڏهن ته ايم ڪيو ايم طرفان ڊاڪٽر فاروق ستار،سيد سردار احمد، ڪنور نويد جميل ۽ واسع جليل شريڪ ٿيا.
گڏجاڻيءَ ۾ سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ مجريه 2010 جي مختلف نقطن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو ۽ ڪيترن ئي معاملن تي اڳڀرائي ٿي. گڏجاڻيءَ ۾ ٻنهي جماعتن جي ميمبرن ان ڳالهه جو عزم ڪيو ته سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2012 کي جلد قطعي شڪل ڏني ويندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي پارٽين نومبر ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ تي ايفاق ٿي ويو آهي جڏهن ته ان سلسلي ۾ ڪور ڪميٽي جي وزير اعليٰ هائوس ۾ سڀاڻي پڻ ٿيندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button