مختصر خبرون

ايِ ڊي او اي ۽ ڊي او ستادن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ پيا ڪن، پ ٽ الف ڪنگري

پير جو ڳوٺ (رپورٽر) پ ٽ الف تعلقي ڪنگري جي اڳواڻن جمال مهيسر، سرور ڪانهر ، مير عبدالستار ٽالپر، سيد نور نبي شاهه راشدي ۽ ٻين پيرڳوٺ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ايِ ڊي او اي تعليم خيرپور، ڊي او خيرپور توڙي اي ڊي او تعليم ڪنگري جي آفيسن ۾ استادن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري کين بنا جواز پريشان ڪيو پيو وڃي جيڪا استادن سان وڏي زيادتي ۽ ناانصافي آهي هنن چيو ته استادن کان سروس بوڪ ٺهرائڻ، بدلي ڪرائڻ توڙي ٻين جائز ڪمن لاءِ سرعام ڳري رشوت ورتي وڃي ٿي ۽ اهڙين زيادتين خلاف دانهون ڪرڻ تي اسانکي حراسان ڪيو پيو وڃي جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، هنن تعليم جي صوبائي وزير پير مظهر الحق کان گهر ڪئي ته ڄاڻايل معاملي جو نوٽيس وٺي ٿيندڙ زيادتين جو ازالو ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button