ايندڙ عام چونڊون آزادانه، شفاف ۽ غير جانبدار طريقي سان ڪرايون وينديون، زرداري
خيرپور(رپورٽ شڪيل احمد جانوري) صدرِ پاڪستان ۽ پيپلز پارٽي جو ڪو چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته ايندڙ عام چونڊون آزادانه، شفاف ۽ غير جانبدار طريقي سان ڪرايون وينديون ۽ پيپلز پارٽي بيڪ ڊور جي سياست تي يقين ناهي رکندي جڏهن ته پارٽي عوام کي طاقت جو سرچشمو سمجهندي آهي. هو آچر جي ڏينهن ڳوٺ حاجي نواب خان وساڻ ۾ وڏي عوامي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته هُو ذوالفقار علي ڀُٽو جو روحاني فرزند آهي ۽ عالمي توڙي هن خطي جي سياست نظر ۾ رکي ڪري سياست ڪري رهيو آهي. پارٽي ڪو چيئرمين چيو ته پيپلز پارٽي سياست کي عبادت سمجهندي آهي ۽ بيڪ ڊور جي سياست تي تقين ناهي رکندي نه ئي ماضي ۾ بيڪ ڊور سياست ڪئي آهي نه هاڻي ڪنداسين. پيپلز پارٽي هميشه عوام لاءِ سياست ڪئي آهي ۽ عوامي طاقت ۾ يقين رکندي آهي. هن چيو ته دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي معشيت ڪمزور ٿي آهي پر پاڪستان پهريون دفعو اناج ٻاهرين ملڪن ڏانهن موڪلي رهيو آهي. شهيد محترمه بينظير ڀُٽو جي حوالي سان ڳالهائيندي صدرِ پاڪستان آصف علي زرداري چيو ته دنيا جي ڪيترن ئي ليڊرن توڙي هُن محترمه کي پاڪستان واپسي لاءِ منع ڪئي هئي پر محترمه عوام سان بي پناهه محبت ڪندي هئي ۽ چيائين ته عوام منهنجي لاءِ انتظار ڪري رهيو آهي ۽ هُو عوام ۾ آئي ۽ عوام جي لاءِ جان قربان ڪئي. آصف علي زرداري چيو ته اليڪشن پنهنجي وقت تي ٿيندي جڏهن ته هُو پاڻ پارٽي ورڪر آهي ۽ مسقبل ۾ پنجاب جو وزير اعلى پيپلز پارٽي جو جيالو هوندو. مونکان يوسف رضا گيلاني کسيو ويو پر مان وري ٻيهر جيالو وزيراعظم آندو. راجا پرويز اشرف سڄي عمر شهيد محترمه بينظير ڀٽو سان سياسي طرح گڏ گذاري آهي. اسانجي سياست ڳڙهي خدا بخش ڀٽو کان شروعات آهي. اتحادين سان گڏجي اليڪشن لڙنداسين. خيرپور جي جيالن سدائين پيپلزپارٽي جو ساٿ ڏنو آهي. هن ملڪ جو عوام پيپلزپارٽي سان گڏ آهي. شهيد بينظير ڀٽو ڌرتي ۽ پنهنجي ماڻهن سان پيار ڪندي هئي. نوان سياستدان ۽ ٽي وي تي سياست ڪرڻ وارن کي عوام هميشه ڌڪاري ڇڏيندي آهي. موجوده حڪومت منهنجي ناهي عوام جي حڪومت آهي ۽ مان به پارٽي جو ڪارڪن آهيان. مونکي خبر آهي ته اسانجون ڀينر به اسان سان گڏجي ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي گڏ هلنديون تنهن ڪري مان عورتن کي به هر شعبي ۾ گڏ کڻي هليو آهيان جيئن هو پنهنجو گهر سنڀالي سگهن. سرڪاري نوڪريون ايتريون ڪونه آهن پر ان جي باوجود اسان نوڪري جا موقعا ڳولهي رهيا آهيون. اڪانامي ڪمزور ضرور آهي پر هلي ٿي. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته پيپلز پارٽي جي لاءِ سڄي ملڪ توڙي صوبن جي ٻين علائقن سميت خيرپور ضلعي جي ڪارڪنن پڻ بي شمار قربانيون ڏنيون آهن پيپلز پارٽي مخالفن پنهنجي دور ۾ ڪارڪنن کي جيلن ۾ واڙيو هو ۽ کين سخت تڪليفون ڏنيون، ڦٽڪا ۽ ڪوڙا هڻايا ته به جيالن جي زبان تي جيئي ڀٽو جا نعرا هئا پر پوءِ به پارٽي مخالف پارٽي ڪارڪنن جي دل مان شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀُٽو جي محبت نه ڪڍي سگهيا. وڏي وزير صدرِ پاڪستان آصف علي زرداري جي سياسي بصيرت جو ذڪر ڪندي چيو ته سندس سياسي انداز ٻين کي حيران ڪري ڇڏيو آهي اميد ته پيپلز پارٽي ايندڙ اليڪشن ۾ ملڪ جي سڀني صوبن اندر ڪامياب ماڻيندي ۽ مخالفن جا وچ ڪڍي ڇڏينداسين. هن چيو ته موجوده حڪومت گذريل چئن سالن ۾ ملڪ توڙي سنڌ جي وڌ ۾ وڌ ۽ تاريخي خدمت ڪئي آهي ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ايندڙ عام چونڊون به عوام جي ساٿ سان کٽينداسين ۽ مخالف حيران ٿي ويندا. ان موقعي تي صوبائي وزير منظور حُسين وساڻ آجياڻي تقرير ڪندي چيو ته ماضي ۾ پيپلز پارٽي جي اعلى قيادت محترمه شهيد بينظير ڀُٽو ۽ بيگم نصرت ڀُٽو سندس ڳوٺ مختلف موقعن تي آيا هئا جڏهن هاڻي به پارٽي جو ڪو چيئرمين ۽ صدرِ پاڪستان آصف علي زرداري جي ڳوٺ اچڻ تي هُو سندس ٿورائتو آهي. هن چيو ته پارٽي ڪو چيئرمين جي سياسي بصيريت جي ڪري ملڪ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت ساڍا چار سال اقتدار ۾ رهي آهي ۽ ايندڙ عام چونڊن ۾ پڻ پيپلز پارٽي عوام جي ڀرپور ساٿ سان ٻيهر اقتدار ۾ ايندي. جڏهن ته ماضي ۾ هميشه پيپلز پارٽي جي حڪومتن کي وقت کان اڳ ختم ڪيو ويو. هن چيوته پيپلز پارٽي جي لاءِ ڪوٽ ڏجي جي ڪارڪنن جون وڏيون قربانيون آهن ۽ ماضي ۾ ڪارڪنن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو ويو. پر هاڻي موجوده حڪومت پارٽي ڪارڪنن جي سار سنڀال لڌي آهي. ان موقعي تي ايم اين اي نواب خان وساڻ، ايم اين اي ڊاڪٽر مهرين ڀٽو، پ پ اڳواڻ اڳوڻو ايم اين اي سيد جاويد علي شاهه جيلاني، ايم پي اي پير سيد محمد بچل شاهه، ايم پي اي نعيم احمد کرل، پ پ اڳواڻ علي شير مڪول، ڊاڪٽر يار محمد ڦلپوٽو، ناليوارو قانوندان حفيظ الله چانڊيو، رستم خان ڌاريجو، منوروساڻ، مريد خان وساڻ، منظوربروهي، ميرحسن لغاري، سيد فرمان شاهه، نثار شر، احمد بخش شر، ايم بي عباسي، غزالا سيال، غلام حسين مغل، ناليوارو قانوندان عبدالقيوم شيخ، انجمن تاجران ضلعي خيرپور جو صدر قطب الدين شيخ، شهري اڳواڻ يار محمد شيخ ۽ پيا ايم اين ايز، ايم پي ايز ۽ پارٽي ورڪرن جي وڏي انگ عوامي ميڙ ۾ شرڪت ڪئي.جڏهن ته ان موقعي تي چيف سيڪريٽري راجا محمد عباس، آءِ جي سنڌ فياض لغاري، ڪمشنر سکر ڊويزن انعام الله خان ڌاريجو، ڊي آءِ جي سکر ڊاڪٽر امير احمد شيخ، ڊي آءِ جي اسپيشل برانچ جاويد عالم اوڍو، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ، ايس ايس پي خيرپور عرفان بلوچ ۽ ٻين مختلف کاتن جا صوبائي توڙي ضلعي عملدار موجود هئا. ان موقعي تي صدر آصف علي خان زرداري کي سنڌي روايت موجب اجرڪ ۽ ٽوپيون اوڍايون ويون. جڏهن ته جلسي ۾ جيئي ڀٽو، جيئي زرداري، ايڪ زرداري سب په ڀاري جا نعراگونجندا رهيا. جلسي ۾ پهچڻ دوران آصف زرداري مٿان گلن جي ورکا ڪئي وئي ۽ پيپلزپارٽي جا جهنڊا هٿ ۾ کڻي ڦڙڪائي اٿي بيهي استقبال ڪيو ويو.