خيرپور

ايس ايڇ اوز سميت 16 پوليس اهلڪارن مٿان ڀڃ ڊاهه ۽ ڦرلٽ جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم

خيرپور(رپورٽ شڪيل احمد جانوري) ٽنڊومستي جي رهواسي جي درخواست تي ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج ٽنڊومستي ۽ اڪنامڪ زون ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز سميت 16 پوليس اهلڪارن مٿان ڀڃ ڊاهه ۽ ڦرلٽ جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم. تفصيل موجب خيرپور جي ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج ٽنڊومستي جي ڳوٺاڻي شاهه بخش ولد تراب علي چانڊيو جي درخواست تي ٽنڊومستي ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايڇ او منور علي سومرو، اڪنامڪ زون ٿاڻي جي ايس ايڇ او ربنواز راڄپر، جمعدار غلام عباس مهر، اي ايس آءِ دين محمد ٿيٻو، اي ايس آءِ مهتاب عباسي سميت 16اهلڪارن مٿان گهر ۾ گهڙي ڀڃ ڊاهه ۽ ڦرلٽ ڪرڻ جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. ياد رهي ته ڳوٺاڻي شاهه بخش چانڊيو پنهنجي وڪيل معرفت عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي هئي ته ڄاڻايل پوليس اهلڪار 23 جون تي منهنجي گهر ۾ گهڙي ڀڃ ڊاهه ڪرڻ کان پوءِ گهر مان سون، روڪ رقم، ٽيليويزن ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻي ويا هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button