مختصر خبرون

ڳوٺاڻي پاران تپيدار جي ظلم ۽ ڏاڍ خلاف مظاهرو

ٺري ميرواهه: ڳوٺ حاجي فيض محمد خاصخيلي جي رهواسي منگهن خان خاصخيلي پاران تپيدار جي ظلم ۽ ڏاڍ خلاف پريس ڪلب آڏو نٽهڻ اس ۾ مظاهرو ڪيو ۽ ڌرڻو هنيو منگهن خاصخيلي دانهيندي ٻڌايو ته تپيدار منور لغاري اسان جي زمينن جا کاتا پنهنجي مائٽن ۽ عزيزن جي نالي ڪري ڇڏيا آهن ، ۽ پڇڻ تي تپيدار اسان تي ڏمرجي پيو آهي ۽ اسان کي ٻڌرائڻ جون ڌمڪيون ڏئي ٿو هن ڊپٽي ڪمشنر کان گهر ڪئي ته تپيدار منور لغاري خلاف ڪيس داخل ڪرايو وڃي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button