گسٽا ۽ پ ٽ الف ڪنگري جي اڳواڻن ۽ سوين شاگردن پاران سول اسپتال جي عملي خلاف احتجاجي مظاهرو
پير جو ڳوٺ : گسٽا ۽ پ ٽ الف ڪنگري جي اڳواڻن ۽ سوين شاگردن پاران سول اسپتال جي عملي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري شهر ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، احتجاج ڪندڙن جي اڳواڻي مقصود مهيسر، نور نبي شاهه، مير عبدالستار ٽالپر، غلام سرور ڪانهر، عبدالسميع مڱريو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ريلي شهر جي مختلف چوراهن کان ٿيندر پريس ڪلب وٽي پهتي جتي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته پيرڳوٺ جي ڊاڪٽر اسپتال کي ڪوس گهر بڻائي ڇڏيو آهي سرڪار پاران ايندڙ دوائون سرعام وڪرو ڪري رهيا آهن جنهن وقت اسپتال وڃڻو پوي ٿو ته ڊاڪٽر موجود ئي نه آهن ۽ ڊاڪٽر پرائيوٽ اسپتالن تي ويٺل آهن جنهڪري مريضن کي سخت تڪليف ۽ پريشاني سان منهن ڏيڻو پوي ٿو پر ڊاڪٽرن کي ڪوئي احساس ئي ناهي. هنن چيو ته 4 ڏينهن اڳ به معصوم شاگرد مقيط قاضي پڻ اسپتال اندر ڊاڪٽر نه هئڻ ڪري تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو جيڪا وڏي افسوس جوڳي ڳالهه آهي هنن صحت جي صوبائي وزير ۽ اي ڊي او هيلٿ خيرپور کان گهر ڪئي آهي ته پيرڳوٺ اسپتال جي سموري عملي خلاف سخت ڪاروائي ڪري اسپتال عملو تبديل ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.