گذريل سال جي برساتن ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي نااهلي ڪري محمد خان ٻڏي ويو هو، سنڌ ترقي پسند پارٽي جو الزام
رپورٽ : فهيم ڀٽي، ٽنڊو محمد خان
سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ٽنڊو محمد خان جي ڊپٽي ڪمشنر برڪات رضوي جي مبينه ڪرپشن ۽ ايندڙ امڪاني ٻوڏن ۾ ٽندو محمد خان جي ناڪاره ڊرينيج سسٽم خلاف ٻي ڏينهن اياز ڀٽي، عزيز حاجاڻو، فرحان شاهه، سجاد بروهي، ناري تحريڪ جي ضلعي صدر ثمينه خاصخيلي، گلشن خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪن تعلقه ميونسپل آفيس سامهون شاميانو هڻي علامتي بک هڙتال جاري رکي، بک هڙتالي ڪئمپ تي صحافين سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته گذريل سال جي برساتن ۾ ڊپٽي ڪمشنر برڪات رضوي جي نااهلي ۽ ڪرپشن جي ڪري ٽنڊو محمد خان ٻڌي ويو هو ۽ ڪيترائي مهينا شهري توڙي ٻهراڙي وارا علائقا ٻڌل رهيا هئا، ۽ نام نهاد ڊپٽي ڪمشنر ضلعي جي ڊرينيج ۽ بيوٽيفڪيشن جا آيل پنج ڪروڙ روپيه حڪمران در سان گڏجي هڙپ ڪري ويو جنهن سبب ضلعي جو ساڍا ست لک عوام برساتي پاڻي جي عذاب هيٺ رهيو ۽ هاڻي به موسميات کاتي موجب موجوده سال به خطرناڪ برساتون پوڻ جي اڳڪٿي باوجود ضلعي انتظاميه شهر لاءِ ڪا به چر پر نه ڪئي آهي هنن مطالبو ڪيو ته ٽنڊو محمد خان جو ڊپٽي ڪمشنر برڪات رضوي کي فوري طور قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي اعلى عدالتي جانچ ڪرائي وڃي ۽ ضلعي ٽنڊي محمد خان جي کاتن مان ڪرپشن ختم ڪرائي وڃي.